سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ بدران سپريم جڊيشل ڪائونسل جي جوڙجڪ تي اعتراض واري ڇڏيا
ذريعن موجب جسٽس مظاهر نقوي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي اعتراض واريا آهن
جسٽس مظاهر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ درج ريفرنس ۽ شاهدين جو سمورو ريڪارڊ به گهري ورتو
جسٽس مظاهر نقوي چيو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شامل ميمبر منهنجي باري ۾ ڌر بڻيل آهن
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو حصو آهن، انهن ميمبرن کي منهنجي خلاف جڊيشل ڪميشن جو حصو نه هجڻ گهرجي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود منهنجي خلاف ڪارروائي لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکيو هو، منهنجي هن تحرير کي شوڪاز نوٽيس جو جواب نه سمجهيو وڃي، ڌر بڻيل جڊيشل ڪائونسل جو جاري ڪيل شو ڪاز نوٽيس به ڌر آهي، اهڙي نوٽيس جو جواب نه ٿو ڏئي سگهجي
سپريم جڊيشل ڪائونسل 27 آڪٽوبر جي اجلاس ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو
جسٽس مظاهر نقوي کي 10 نومبر تائين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو هو