قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي 29 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

0
185

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 29 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي

 ايوان صدر ۾ تقريب دوران صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي عهدي جو حلف کڻايو

 چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب ۾ سندس گهر واري سرينا فائز عيسيٰ، سينيئر ججز، نگران ڪابينا جي ميمبرز، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري، آرمي چيف ۽ ٻين به شرڪت ڪئي

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 5 سيپٽمبر 2014ع تي سپريم ڪورٽ  جي جج جي حيثيت ۾ حلف کنيو هو، 2019ع  ۾ صدارتي ريفرنس بعد سينئر ترين جج هئڻ  باوجود کيس ٽن سالن کان  ڪنهن آئيني ڪيس جي بئنچ ۾ شامل نه ڪيو ويو

 قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر  ايڪٽ تي اسٽي آرڊر بعد اپريل کان معمول جي بئنچز  ۾ ويهڻ کان معذرت به ڪئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چيف جسٽس جو مدو مختصر هوندو، هو 25 آڪٽوبر 2024ع تي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو

هي به پڙهندا

چيف اليڪشن ڪمشنر کي به خبر نه آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي: بلاول