اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران عهدو سنڀالڻ بعد سپريم ڪورٽ ۾ اهم مقرريون ڪيون ويون، جزيله اسلم سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار مقرر ٿي وئي جيڪا پهرين عورت رجسٽرار آهي، جيڪا پنجاب ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج مقرر هئي، ڊاڪٽر محمد مشتاق سيڪريٽري ٽو چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر، عبدالصادق چيف جسٽس جو اسٽاف آفيسر مقرر ڪيو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ اهم مقررين جون هدايتون ڏنيون