اسلام آباد (م ڊ) لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي ۾ ملوث 23 پاڪستانين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران حملي ۾ ملوث ماڻهن جي حوالگي لاءِ برطانيا سان رابطو ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ مليڪا بُخاري ۽ شايان علي سوڌو ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا، وفاقي گهرو ۽ پرڏيهي کاتي لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جي گاڏي تي حملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ڄاڻايل ماڻهن مان ڪير به پاڪستان آيو ته ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو، لسٽ ۾ سعديه فهيم، ماهين فيصل، فهيم گلزار، سدره طارق، حبا عبدالمجيد جا نالا شامل آهن.