ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نئين وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب اڄ ٿيندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جسٽس نديم اختر وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي کي حلف کڻائيندو، ان ڏس ۾سنڌ جي  وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان جي سپريم ڪورٽ جو جج  ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جسٽس عقيل عباسي کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ اڄ صبح جو سوا 9 وڳي حلف برداري تقريب رٿي وئي آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جسٽس نديم اختر وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي کي قسم کڻائيندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران وقتي چيف جسٽس  جي حلف برداري تقريب جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن.