اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اتفاق راءِ سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس، جسٽس عرفان سعادت کي ترقي ڏئي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جسٽس عرفان سعادت گهربل معيار تي پورو لهي ٿو، هاءِ ڪورٽ جي سمورن چيف جسٽسز ۽ ججن ۾ سڀني کان سينئر جج آهي، ڪميشن پاران جسٽس عرفان سعادت کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪميشن جي منظوري کانپوءِ جسٽس عرفان سعادت جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي نامزدگي حتمي منظوري لاءِ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪاميٽي کي موڪلي ويندي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 2 ججن جون جايون خالي آهن. اجلاس جي ٻي ايجنڊا سڄي ملڪ جي هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري لاءِ طريقيڪار ۽ معيار جو تعين ڪرڻ هو، ان لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرن کي 28 خط لکي تجويز طلب ڪئي وئي هئي جن ڪجهه وقت گهريو. 27 آڪٽوبر 2023ع تائين تجويز وصول ڪرڻ ۾ واڌ ڪئي وئي.