اسلام آباد(يورو رپورٽ) جسٽس طارق محمود جهانگيري کي تبديل ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ٽن اڳواڻن جي درخواست منظور ڪندي معاملو واپس اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو. اسلام آباد جي ٽن تڪن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف اليڪشن اپيلن جو محفوظ فيصلو ٻڌايو ويو. عدالت شعيب شاهين، عامر مغل، علي بخاري جون ٽربيونل تبديلي جي خلاف درخواستون منظور ڪري ورتيون. چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن کي معاملو واپس موڪليندي ٻيهر فيصلي جي هدايت ڪري ڇڏي. شعيب شاهين، عامر مغل ۽ علي بخاري ٽربيونل تبديلي خلاف درخواستون داخل ڪرايون هيون. دليل مڪمل ٿيڻ تي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ڪالهه ٻڌايو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي اليڪشن ٽربيونل جي سربراهه طور تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو.