اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت بي بنياد قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي، شڪايت ڪندڙ آمنه ملڪ خلاف قانوني ڪارروائي تي غور ملتوي ڪيو ويو، شڪايت ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪرڻ تان اظهر صديق وڪيل کي نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي بابت آڊيو ليڪ، آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ سنگين مس ڪنڊڪٽ جهڙن الزامن تي 10 شڪايتن جو جائزو وٺڻ ڪارروائي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ۾ ٿيو، الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ جسٽس سردار طارق مسعود به موجود هو، شڪايت ڪندڙ آمنه ملڪ به اجلاس ۾ شريڪ ٿي، آمنه ملڪ کان سوال ڪيا ويا پر تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهي ۽ پنهنجي شڪايت واپس وٺي ڇڏي، جسٽس سردار طارق موقف اختيار ڪيو ته ڪوڙي ۽ بي بنياد شڪايت داخل ڪري بدنام ڪيو ويو، شڪايت ڪندڙ پاڻ غلطي تسليم ڪئي آهي، جوڊيشل ڪائونسل قرار ڏنو ته جسٽس طارق کي بدنام ڪرڻ لاءِ شڪايت ڪئي وئي ان ڪري شڪايت خارج ڪئي وڃي ٿي، شڪايت ڪندڙ خلاف ڪارروائي تي بعد ۾ غور ڪيو ويندو، جج الزامن کان عوامي سطح تي بريت جي درخواست ڪئي آهي ان ڪري تفصيل سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي رکيا وڃن، اجلاس ۾ جسٽس مظاهر خلاف شڪايتن جو به جائزو ورتو ويو، سندس وڪيل خواجه حارث ڪائونسل آڏو خط پيش ڪيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي فيصلي تائين ڪارروائي روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ گهٽ وقت جي ڪري ڪارروائي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ به اجلاس ملتوي ڪيو ويو هو.