اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سينئر ترين ججن سميت 6 جج مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته تڪراري نموني اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ مقرر ٿي سينئر ترين جج ٿي ويل جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس جنيد غفار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي، سينئر ترين جج جسٽس صلاح الدين پنهور، پشاور هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم، جسٽس شڪيل احمد ۽ اسلام آباد هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي سپريم ڪورٽ جو جج  ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي وقتي جج مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بلوچستان جي سينئر ترين جج جسٽس محمد اعجاز سواتي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس جنيد غفار، تڪراري نموني آيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر، پشاور هاءِڪورٽ جي جج جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کي ريگولر چيف جسٽس جي مقرري تائين پنهنجي پنهنجي هاءِڪورٽن جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي.