جسٽس سرفراز ڊوگر کي چيف جسٽس طور ڪم کان روڪيو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 5 جج سپريم ڪورٽ پهچي ويا

0
61
جسٽس سرفراز ڊوگر کي چيف جسٽس طور ڪم کان روڪيو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 5 جج سپريم ڪورٽ پهچي ويا
جسٽس سرفراز ڊوگر کي چيف جسٽس طور ڪم کان روڪيو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 5 جج سپريم ڪورٽ پهچي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز سينارٽي جي معاملي تي قانوني جنگ جي شروعات ٿي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز سينارٽي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، منير اي ملڪ ۽ بئريسٽر صلاح الدين معرفت داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وقتي چيف جسٽس طور ڪم کان روڪيو وڃي، هاءِ ڪورٽ جي موجوده سينارٽي لسٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ججز جي عارضي بدلي سينارٽي لسٽ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ به ٿي سگهي ٿي، درخواست ۾ چيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز بدلي جو فيصلو عوامي مفاد نه، پر ٻين سببن تحت ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي بدلي آرٽيڪل 175 اَي جي ڀڃڪڙي آهي، صدر عدالتي ڪميشن جا اختيار غصب ڪندي آرٽيڪل 200 جِي شق اَي جو استعمال ڪيو، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندڙن ۾ اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آهن. ججز جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته جسٽس خادم سومرو ۽ جسٽس محمد آصف کي به جوڊيشل ورڪ کان روڪيو وڃي، درخواست ۾ صدر پاڪستان، وفاق، جوڊيشل ڪميشن سميت رجسٽرار سپريم ڪورٽ، سنڌ، بلوچستان ۽ لاهور هاءِ ڪورٽس جي رجسٽرار کي ڌر بڻايو ويو آهي. اڳوڻي چيف جسٽس عامر فاروق ججز جي سينارٽي بابت رپريزينٽيشن رد ڪئي هئي. هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز پاران رپريزينٽيشن رد ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو، جسٽس سرفراز ڏوگر کي سينارٽي ۾ سينيئر پيوني جج خلاف پنج ججز رپريزينٽيشن فائل ڪئي هئي.