اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو آهي ته جسٽس سرفراز ڊوگر جي سينارٽي تي چيف جسٽس جي موقف سان متفق ناهيان. سپريم ڪورٽ ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اٽارني جنرل چيو ته جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ منهنجو موقف لکت ۾ موجود آهي. ججز جي سينارٽي لسٽ پهريان واري حلف سان ئي ٺهندي آهي. ڪنهن به هاءِ ڪورٽ مان جج جو ٽرانسفر عارضي ناهي هوندو.