اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس اسلم ڀوتاڻي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي سامهون آيل آڊيو ليڪ جي ايف آءِ اي کان فرانزڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته فرانزڪ رپورٽ اچڻ کان پوءِ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب کي طلب ڪيو ويندو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي ڪاميٽي اجلاس ۾ طلبي قانون وزارت جي راءِ سان مشروط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪاميٽي قانون وزارت کان راءِ طلب ڪئي آهي، خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن ٻيهر ٿيندو، ايف آءِ اي کي ان آڊيو ليڪ جي فرانزڪ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.