پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ٽٽي وئي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ جج جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ ٻڌڻي هلائي، جسٽس مسرت هلال سوال ڪيو ته ڪميشن جا 2 ميمبر بينچ جو حصو آهن، ڇا اهي ڪيس ٻڌي سگهن ٿا ؟ جسٽس جمال مندو خيل چيو ته پارلياماني ڪميٽي اعتراض لڳائي واپس ڪيو ته ڇا اوهان ٻيهر جڊيشل ڪميشن ويا، جڊيشل ڪميشن هڪ نالو تجويز ڪندي آهي، اهو پارلياماني ڪميٽي ويندو آهي، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال مندو خيل ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي، سپريم ڪورٽ جي ڇهه رڪني بينچ جو سربراهه جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال مندوخيل ججز جي مقرري ڪندڙ جڊيشل ڪميشن جا به ميمبر آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ جج جي مقرري بابت آئيني درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ نئين آئيني بينچ ٺاهي ويندي.