لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا جي هڪ شهري مليسا ڪير ترڪي ۾ استنبول جي هڪ نجي اسپتال ۾ جسم جو حصو (ويهڪ واري جاءِ) ٿلهو ڪرائڻ لاءِ وئي هئي. برازيليئن بٽ لفٽ سرجري 31 سالن جي مليسا لاءِ موت مار ثابت ٿي. هاڻي حڪومت جو چوڻ آهي ته هو ترڪي ۾ سرڪاري عملدارن کي اهڙين ٻين فوتگين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي طبي ۽ ڪاسميٽڪ سياحت لاءِقانونن تي ڳالهائيندا. برطانيا ۾ ڪورونر ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته ته ميليسا سميت ٻين ماڻهن کي سفر کان اڳ سرجري بابت گهٽ ڄاڻ ڏني وئي هئي. برطانوي صحت واري وزير ماريا ڪالفيلڊ جو چوڻ آهي ته حڪومت ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي.