ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ امن ريلي ڪڍي وئي. امن ريلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا.ضلعي جي امن و امان جي بحالي لاءِ نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته سنڌ امن جي ماءُ رهي آهي پر 17 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڌاڙيل بڇايا آهن.اليڪشن ڏينهن ۾ اهي ڪچي جا علائقا سڀني لاءِ محفوظ هوند آهن، پر اليڪشن بعد اهي ڪچي جا علائقا نوگوايريا بڻجي ويندا آهن، انهي حڪمرانن لوفر ڌاڙيل پاليا آهن. اگر ڪنهن قوم جي سردار جو ماڻهو چور آهي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي پر پوليس سياسي ڪٺ پُتلين جي چوڻ تي چڳن مڙسن مٿان ڪيس داخل ٿين ٿا. تيغو خان تيغاڻي اليڪشن ۾ پ پ پ مخالف رهيو ان خلاف مختلف وقتن تي ڪيس داخل پيا ڪيا وڃن. سنڌ ۽ خاص ڪري ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر هن قتل، اغوا جي بازار گرم آهي ته ان جو ذميوار آصف زرداري ۽ بلاول آهن. سيشن جج صاحب هن ضلعي جي معاملن تي سختي سان نوٽيس وٺو. پوري سنڌ نوگوايريا بڻيل آهي اسان کي ته گهرن مان کڻي ٿا وڃو باقي هي لوفر ڏوهاري ڇو آزاد آهن.سنڌو ڌرياءَ مٿان ڪينال ٺهن ٿا بدامني بيروزگاري آ سنڌ ۾ قتل و عام آ ان جو ذميوار سنڌ حڪومت آهي هن چيو ته 17 جنوري بعد آءُ لاڙڪاڻه ڊويزن ۾ هڙتال جو سڏ ڏيندس ۽ انڊس هاءِ وي بند ڪيا ويندا ان بعد سکر ڊويزن ۾ هڙتال جو سڏ ڏيندس ۽ روڊ بند ڪيا ويندا، ايستائين هي سلسل جاري رهندو جيستائين مڪمل امن و امان بحال نه ٿيندو.