ڪولمبو ( اسپورٽس نيوز ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته کيس جسم جي هر حصي ۾ سور آهي. پاڪستان ٽيم ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ ڀرپور پريڪٽس سيشن ڪيو جنهن ۾ رانديگرن، فيلڊنگ، بيٽنگ ۽ بالنگ جي مشق ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي حارث رئوف جي پريڪٽس سيشن دوران رڪارڊ ڪيل وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هو صحافين سان ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي. صحافي جي سوال تي حارث رئوف کِلندي ٻڌايو ته مٿي کان پيرن تائين جسم جي هر حصي ۾ سور آهي.