‘جسماني ٻولي’ کي مَرغُوب بڻايو!

0
379

سيما چانڊيو

  دنيا ۾ جيڪا به جاندار شئي آهي، پنهنجي الڳ جسماني ٻولي  ‘body language ‘ رکي ٿي. گُلنِ ٻوٽنِ جي لُڏَڻَ لَمَڻَ کان وٺي جيتَ جَڙي انسانَ جانورَ تائين هر شئي جي پنهنجي جسماني ٻولي ‘ body language ‘ آهي. جسماني ٻوليءَ جي ڄاڻَ انسانَ لاءِ تمامُ ضروري آهي، ڪنهن به مقصد جي حاصلات لاءِ ڀلي اُھو عامُ هُجي يا خاصِ’ جسماني ٻولي’ تي مهارت لازمي آهي. جنهن ماڻهوءَ کي جسماني ٻولي ‘ body language’ جو مُڪمل علمُ ناهي اُھو اڌُ گونگو آهي .

جيڪڏھن ‘ Communication skills’   اسٽرانگ ناهن ته اوهان نه فقط ناڪامُ بلڪه شرمسار به ٿيندا رهو ٿا. ڳالهائڻ به ھِڪَ آرٽ آهي، ۽ اھو آرٽُ صرف چند ماڻهن کي قدرتي عطا ٿيل هوندو آهي، باقي سکڻو پوي ٿو. اوهان گهرن ۾، آفيسن ۾، بازارن ۾ هر هنڌ اهڙا ماڻهو ڏٺا هوندا، جيڪي گهٽ تَجربي، گهٽِ تعليم ، گهٽِ عَقُلَ، گهٽِ شعورَ، هُجڻَ باوجود به ماڻهن ۾ گهڻا مقبول هوندا آهن، ماڻهن جي دلچسپي ۽ ڌيانَ جو مرڪَزُ هوندا آهن، گهٽِ محنتَ ڪري به گهڻو ڪامياب ٿيندا رهندا آهن، انهن ماڻهن مان اڪثر ماڻهن وٽِ ڳالهائڻ جو فَنُ هوندو آهي، اها جسماني ٻوليءَ جي مهارت هوندي آهي.

ان ڳالھ ۾ ڪو شڪُ ڪونهي ته ٽيھ سيڪڙو  اسان جي زبان ۽ باقي ستر سيڪڙو اسان جو ٻيو جِسمُ ڳالهائيندو آهي. جسماني ٻولي ‘body language’  جي ڄاڻ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ هوندي آهي ۽ اهو فطري آهي .ڪجهه مخصوص پهلوئن کي ڇڏي مردن جي جسماني ٻولي عورتن جي جسماني ٻوليءَ کان الڳ هوندي آهي. جيئن ته ڏُک جي وقت جي جسماني ٻولي، خُوشيءَ جي وقت جي جسماني ٻولي، حيرت جي وقت جي جسماني ٻولي، محبت جي وقت جي جسماني ٻولي، نفرت جي وقت جي جسماني ٻولي، شرم جي وقت جي جسماني ٻولي، هر هِڪَ جذبي جي اظهارڻ لاءِ اسان جي جسماني ٻوليءَ جو طور طريقو الڳِ هوندو آهي .

 Communication skills   رابطي جي مهارت

مضبوط رابطي جي پهرئين مرحلي ۾ آواز جو استعمال ڪندا آهيون ۽ آواز جي استعمال ۾ بهتر لفظن ۽ لھجي جو خيال رکيو ويندو آهي، لفظن جي بهتر استعمال کان پوءِ لهجي جو بهتر استعمال آواز جي رابطي کي مضبوط بڻائي ٿو، جيڪڏھن لفظن جي بهتر استعمال جو علمُ آهي ۽ لهجي جي استعمال جي ڄاڻ کان اَڻَ واقف آهيو ته لفظَ پنهنجو اثر نٿا ڇڏي سگهن. مثلن، مون ڪا اھڙي ڳالهه ٻُڌي جنهن تي مون کي حيرت ٿي ته وڌيڪ معلومات لاءِ مون ڪيئن پُڇيو ته، “اڃان وڌيڪ ٻڌائي؟” پُڇڻ وقت منهنجو لھجو ڪھڙو هو يا مون ڪا غمزده ڳالھ ٻُڌي وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ ڪيئن پڇيو ته، “اڃان وڌيڪ ٻڌائي ؟” يا مون ڪا خوشي واري ڳالھ ٻُڌي ته وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ ڪيئن پڇيو ته، “اڃان وڌيڪ ٻڌائي.” ٽنهي ڪيفيتن ۾ مون لفظن جو هڪجهڙو استعمال ڪيو ته پوءِ سامهين پارٽي وٽ منهنجي سوال جي ڪيفيت جي ڄاڻ ڪيئن پُهتي؟، جڏهن ته آواز جي رابطي ۾ (مثال، ٻڌڻ واري جي اوهان جي جسماني ٻولي تي نظر ناهي پئجي رهي) ۽ ٽنهي ڪيفيتن ۾ مون هڪجھڙن لفظن جو استعمال ڪيو آهي. هاڻي هِتي الڳ ڪيفيت جي ڄاڻَ مون پنهنجي لهجي ذريعي پھچائي، غمزده ڪيفيت ۾ مون لهجو ڏُکارو آواز جو ترنم آهستي هلڪو رکيو، ۽ خوشيءَ واري ڪيفيت ۾ مون پنهنجو لھجو تيز رفتاري وارو رکيو. حيرت واري ڪيفيت ۾ ڪنهن لفظ کي هلڪو ته ڪنهن کي تيز رفتاري سان اُچاريو ته سامهين پارٽيءَ وٽ منهنجي ڪيفيت پهتي، منهنجي لهجي آواز جي ۽ آواز جي آواز جي ترنم رواني ذريعي پھتي.

 جسماني ٻوليءَ جي سڀ کان پهريان ٻن اهم صورتن جي ڄاڻ ھُجڻ ضروري آهي .

Eye contact اکين جو رابطو، فيس ايڪسپريشن، اکين جو رابطو، عامُ حالتن ۾ ڪنهن به اجنبي ماڻهو سان چار کان پنج سيڪنڊ ئي اکين جو رابطو بحال رکي سگهجي ٿو، گُفتگو وقت اکين جي رابطي جو بحال ھُجڻ ضروري آهي، جيڪڏھن گفتگو وقت اوهان اکين جو رابطو بحال نٿا رکي سگهو ته پنهنجي ڳالھ پنهنجي صلاحيت، پنهنجي قابليت يا پنهنجي سچائي کي تسليم ڪرائڻ ۾ ڏُکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو. اکين جي رابطي جي بحاليءَ جو طريقو ايئن به نه هجڻ گهرجي جو اوهان مُسَلسِل بنا اک ڇنڀ جي گهوريندا رهو . اکين جي رابطي جي بحالي ۾ ڳالهائيندڙ جي اکين ۾ دلچسپي سان ڏسندو رھڻ سان ڳالهائيندڙ ڪوڙ نه ڳالهائي سگهندو يا ڪوڙُ ڳالهائيندي هٻڪ محسوس ڪندو، پنهنجون اکيون ٻئي پاسي ڦيرائيندو، اوهان سان اکين جو رابطو بحال نه رکي سگهندو (لازمي ناهي ته اکيون ڦيرائيندڙ اکين جو رابطو بحال نه رکي سگهندڙ هر ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندو هُجي ڪجھ ماڻهو پنهنجي شرميلي طبيعت جي ڪري به اکين جو رابطو بحال ناهن رکي سگهندا).

اکين جي رابطي جي بحاليءَ ۾ سامھون واري کي اوهان ۾ اعتماد confidence  نظر ايندو، ڪنهن به ڳالھ کي ٻُڌائڻ وقت ڀلي اوهان ڪيترو به سچ ڳالهائي رهيا هجو، پنهنجي سچائي، پنهنجي قابليت، صلاحيت بابت ٻڌائي رهيا هجو پر جيڪڏھن اوهان اکين جو رابطو بحال نٿا رکي سگهو ته ماڻهو اوهان تي گهٽ اعتماد ڪندا، اکين جي رابطي جي بحالي جو confidence رکندڙ ماڻهو وڏي مهارت سان پنهنجي ڪوڙَ کي به سچ مڃرائي ويندا آهن، اکين جي رابطي جي بحالي جو confidence نه هُجڻ ڪري سچ ڳالهائيندڙ کي به ڪوڙو ثابت ڪرڻ ۾ ماڻهن کي آساني ٿيندي آهي .

جيڪڏھن اوهان شرميلي طبيعت جا آهيو ۽ اکين جو رابطو بحال نٿا رکي سگهو ته ڪوشش ڪريو گفتگو ڪندڙ جي اکين جي وچ تي پنهنجي نظر رکو اهو نه سوچيو ته ڳالهائيندڙ اوهان بابت ڇا سوچيندو، اوهان اکين جو رابطو بحال رکي پنهنجو ذهن ڳالهائيندڙ جي ڳالھ ۾ مشغول رکو، جيڪڏھن اکين جي رابطي جي ڪوشش ۾ اوهان جي ذهن ۾ اکين جي رابطي متعلق سوال اُٿندا رهندا ته ڳالهائيندڙ جي ڳالھ  تان اوهان جو ذهن ھٽي ويندو، ڳالهائيندڙ جي ڳالھ کي نه سمجهي سگهندا. رڳو اکيون ڦاڙي مُردن وانگي نهارڻ کي به اکين جي رابطي جو confidence  نٿو چئي سگهجي. ان کان پوءِ جسماني ٻولي جي ٻي اهم صورت  فيس ايڪسپريشن آهن، ‘منهن جي ٻولي’ اوهان جي شخصيتَ جو عُنوان آهي، ‘منهن  جي ٻولي’ ان جي طور طريقي ڪيفيت مطابق بدلاءُ جي ڄاڻ به گهڻي اهميت رکي ٿي، جيڪڏھن اوهان اهڙي محفل ۾ آهيو، جتي آس پاس ماڻهو ڏُکارا آهن ۽ اوهان جي منهن جي ٻولي مان خوشيءَ جو تاثر نظر اچي رهيو آهي يا اوهان ڪنهن خوشي جي محفل ۾ آهيو، جتي آسپاس ماڻهو خوش آهن ۽ اوهان جي منهن جي ٻولي مان اداسي جو تاثر نظر اچي رهيو آهي ته ماڻهو اوهان بابت غلط تاثر وٺندا، پنهنجي ‘منهن جي  ٻولي’ کي پنهنجي آسپاس جي ماڻهن جي ڪيفيت يا گفتگو ڪندڙ جي ڪيفيت مطابق رکو. جيڪڏهن گفتگو ڪندڙ جي منهن جي ٻولي ڳالھ حيران ڪندڙ آهي ته اوهان به پنهنجي منهن جي ٻولي کي ان جي منهن جي ٻولي برابر رکو ايئن گفتگو ڪندڙ اوهان سان دلچسپي سان گفتگو ڪندو، اوهان تي اعتماد ڪندو ۽ اوهان سان گفتگو ڪرڻ پسند ڪندو، جيڪڏھن گفتگو ڪندڙ اوهان پاڻ آهيو ته اوهان پنهنجي ‘منهن جي ٻولي’ کي پنهنجي موضوع ۽ ڪيفيت مطابق بدلايو.

جسماني ٻولي جي  ٽئين اهم صورت هٿن جي ٻولي آهي. هٿن جي ٻولي هٿن ۽ هٿن جي آڱرين کي گفتگو موضوع مطابق موڙڻ اوهان جي شخصيت کي گهڻو پُر اعتماد بڻائي ٿو، ‘هٿن جي ٻولي’ جا طور طريقا ڏانءُ هڪ الڳ باب آهي، هٿن جي ٻولي کي ايتري اهميت آهي جو جيڪڏھن هٿن جي ٻولي (اشارن ۾) ۾ آواز کي نه شامل ڪرڻ جي استعمال ڪجي  ته به پنهنجي ڳالھ جا ٻه حصا سمجهائي سگهجن ٿا.

هٿن جي ٻولي جي سکيا لاءِ پنهنجو آواز بند ڪري پنهنجي ڳالھ کي اشارن ۾ (هٿن جي ٻولي ۾) سمجهائڻ جي روزانو پندرهن کان ويهه منٽ پرئڪٽس ڪريو .

ان کان پوءِ جسماني ٻولي ۾ ھلڻ جو انداز، بيھڻ جو انداز، ويھڻ جو انداز، کِلڻ جو انداز، شرمائڻ جو انداز، ھٿ ملائڻ جو انداز شامل آهن. جسماني ٻوليءَ ۾ هنن باقي اندازن م عورت کي وڌيڪ تجربو آهي جنهن کي شاعراڻي ٻولي ۾ “ادائون” به چئي سگهجي ٿو. هلڻ جو انداز: هلڻ وقت پنهنجي جسم کي ايترو ڍلو نه ڇڏيو جو بيمار نظر اچو، نه تڪڙو هلو جو ريس ۾ حصو وٺندڙ لڳو، نه ايترو آهستي هلو جو ماڻهو اوهان کي بيمار يا چريو سمجهن، هلڻ وقت پنهنجي ٻنهي ٻانهن کي پنهنجي جسم سان گڏي نه رکو جو الرٽ بيٺل سپاهي لڳو، نه پنهنجي ٻانهن کي ايترو لوڏي هلو جو اُڏرندي محسوس ٿيو، پنهنجي ٻنهي ٻانهن کي هلڻ وقت هلڪو رقص ۾ رکو، ٻنهي پيرن کي وِکُنِ کڻڻ وقت پاڻ ۾ نه وچڙايو پر هڪ پير کان ٻئي پير جي وچ ۾ هڪ فوٽ جو فاصلو ضرور رکو، جيئن، جُرئت مند خوش مزاج ۽ پر اعتماد نظر اچو.

بيھڻ جو انداز: بيھڻ وقت پنهنجا ٻئي هٿ بغلن ۾ هڻي نه بيھو پر پنهنجي ٻانهن کي چيلهه کان هيٺ کُلو ڇڏي ڏيو بار بار هيڏانهن هوڏانهن لوڻا نه هڻو، بار بار پنهنجا ڪپڙا/ڏسو صفحو 2 بقايا 01

 نه سيٽ ڪريو، پنهنجي هڪ هٿ کي ٿوري  نه بلڪي ٿوري گهڻي وقفي بعد حرڪت ڏيندا رهو .مثلن وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ، ڪن، نڪ يا چپن تان آڱريون ڦيرڻ، ٻانهن جا ڪلف ٽائي يا شرٽ جو ڪالر سيٽ ڪرڻ. ويھڻ جو انداز: ويھڻ جي انداز ۾ ڪُرسي ميز يا ڪنهن به ويھڻ واري جڳھ تي اُتاولا ٿي نه ويھو، بلڪه ٽيڪ ڏئي پرسڪون طريقي سان ويھي رهو، ويٺل ايئن نظر اچو جو گفتگو ڪندڙ جو اوهان کي رليڪس پرسڪون حالت ۾ ويٺل ڏسي گفتگو جو  confidence  وڌي وڃي ۽ هو اوهان سان گفتگو ۾ وڌيڪ دلچسپي ۽ سڪون محسوس ڪري.

ڪنهن به محفل ۾ اوهان وٽ وقت گهٽ آهي ۽ گفتگو کي مختصر ڪرڻ چاهيو ٿا ته اھڙي نموني ويهو جو اوهان جي جسم جو هڪ پاسو پاسيرو ۽ هڪ پاسو سڌو پرسڪون هُجي، پنهنجي ٺونٺين کي ڪُرسي يا صوفي تي ايئن رکو جو محسوس ٿئي ته اوهان جلد اُٿڻ چاهيو ٿا، کِلڻ جو انداز: کِلڻ وقت حد کان وڌيڪ وڏو ٽھڪ ڏيڻ يا وات کي ضرورت کان وڌيڪ کولڻ به اوهان جي طبيعت جي هلڪڙائپ طرف اشارو ڪري ٿو، پنهنجي ٽھڪ جي آواز ۾ ترنم رکو هلڪي رواني رکو. ڪوشش ڪري پنهنجي چپن تي هلڪڙي اڻ لکي مُرڪ قائم رکو، اوهان جي مُرڪڻ جو انداز اھڙو هئڻ گهرجي جو اوهان جي چپن کان وڌيڪ اوهان جون اکيون مرڪي رهيون هجن، اوهان جي اکين جي مُرڪ اوهان جي ڪيفيت کي نيچرل ڏيکاري ٿي، بنا وجھ سامهين پارٽي جي ڪيفيت جي متضاد به هروڀرو واڇون پکيڙي نه ڇڏيو .

شرمائڻ جو انداز: شرمائڻ جو انداز فقط ان وقت رکو، جنهن وقت ان جي خاص ضرورت هجي، بنا وجھ ڪنڌ لڪائڻ اوهان جي شخصيت جي رونق کي گهٽائي ڇڏي ٿو، شرمائن وقت اکين جي مُرَڪَ، چَپَنِ جي مُرڪَ، منهن جي ٻولي کي هڪ ٻئي پويان ايئن پويو جيئن ڌاڳي ۾ هڪ ٻئي پويان خوبصورت موتي پوئبا آهن.

هَٿُ ملائڻ جو انداز: هٿ ملائڻ وقت سامهين پارٽي جي ھٿ کي  ھلڪو دٻايو ۽ مختصر لوڏيو، ڪنهن اھڙي ماڻهو سان ھٿ ملايو، جنهن سان گهڻي واقفيت نه هجي رسمي ملي رهيا هُجو ته مختصر ھٿُ ملايو، هٿ کي لوڏيو نه. ڪنهن ويجهي ماڻهو سان ھٿُ ملايو ته هلڪو دٻايو ۽ مختصر لوڏيو. ڪنهن تمام ويجهي ماڻهو سان ھٿُ ملايو ته کاٻو ھٿُ اُن جي ھٿ جي ٻئي پاسي سان گڏوگڏ ملايو، پنهنجي ويجھڙائي جو پيغامُ ڏيو، ھٿ ملائڻ وقت سامھون واري پارٽي سان برابري جي بنياد تي ملڻ چاهيو پيا ته پنهنجي هٿ جو آڱوٺو اُن جي ھٿَ جي آڱوٺي جي برابر رکو، اگر پاڻ کي گهٽ سامهون واري پارٽي کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ چاهيو پيا ته پنهنجي ھٿ جو آڱوٺو سامهون واري جي ھٿَ جي آڱوٺي کان ھيٺ رکو.

اگر سامهون واري پارٽي کي گهٽ پاڻ کي وڌيڪ محسوس ڪرائڻ چاهيو پيا ته پنهنجي ھَٿَ جو آڱوٺو سامھون واري جي ھٿ مٿان واري اچو. ھٿ ملائڻ وقت نه گهڻو دٻايو نه گهڻو لوڏيو .

آواز ،لفظن، لھجي، کان پوءِ پنهنجي ‘body language’ جسماني ٻولي کي مرغُوبُ سُھڻو وڻندڙ لڀائيندڙ بڻايو. جسماني ٻولي جي مهارت، اوهان کي ڪاميابي جي پهرين ڏاڪڻ آهي، پنهنجي مجسمي کي پاڻ تراشيو، ڀلي اوهان هِڪ معمولي انسان ھجو، اوهان جو اُٿڻ ويھڻ مخصوص ۽ معمولي ماحول ۾ آهي پوءِ به پنهنجو پاڻ کي اهميت ڏيو، سنواريو ۽ پاڻ کي پنهنجن ڪُلھن تي کڻي مٿانهين ڏانهن وٺي وڃو!!