خيرپور: جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر چيو ته سنڌ جا وڪيل سنڌ جا غيرت مند پٽ آهن جن سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو آهي. ھن چيو ته سنڌو درياهه تي قدرت طرفان سنڌ کي مليل تحفو آهي جنهن مٿان ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم، ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڪئنال اڏيا پيا وڃن. ھن چيو ته اڄوڪي ڌرڻي ۾ سنڌ جو هر غيرت مند ماڻهو موجود آهي ۽ ڪئنالن جي مخالفت پيو ڪري. ھن چيو ته 20 اپريل تي جسقم طرفان سڄي سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي.