لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سنڌ درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ خلاف 23 فيبروري تي سنڌ بلوچستان جي سرحدي دنگ ضلعي ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ جي ديرا موڙ تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙو اعلان جسقم چيئرمين صنعان قريشي طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ويو صنعان قريشي چيو ته هٿ وٺي سنڌ جون حالتون انتهائي خراب ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري اتر سنڌ جا شهر سج لهڻ کان پوءِ بند ٿي وڃن ٿا، صوبي اندر بدامني عروج تي آهي ۽ سنڌ واسي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن. هن چيو ته اسين سنڌ جي شهرن جي امن جي بحالي لاءِ سڄي سنڌ اندر جدوجهد ڪري رهيا آهيون، موجوده وقت ۾ سڀ کان وڏو مسئلو سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ 6 ڪئنالن جو آهي، جيڪو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهن، تنهن ڪري درياهه کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جسقم طرفان 23 فيبروري تي سنڌ بلوچستان جي سرحدي دنگ ضلعي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جي ديرا موڙ وٽ ڌرڻو هنيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت پنهنجي نوڪرن کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرايو، هينئر انهن کان جائز ۽ ناجائز ڪم وٺي رهي آهي، جن جي هاڻي رستا روڪ ڪئي ويندي، اسين وڌيڪ سنڌ کي لٽجڻ نه ڏينداسين.