ميرپوربٺورو (ن پ ا) ٽنڊي محمد خان ڀرسان کنڀيل ميرپوربٺوري 10 ڄڻن مان 3 نوجوان آزاد، 7 ڄڻا اڃا گم،  تفصيل موجب ٻٻرلوءِ ڌرڻي مان شرڪت ڪري واپس ايندي ٽنڊي محمد خان ڀرسان کنڀجي ويل  جسقم ضلعي سجاول جي صدر الطاف چانگ، عامر چانگ، شعيب چانگ، صدام چانگ، ھاشم چانگ،شعبان چانگ، عمر چانگ، ڪمال چانگ ۽ قمر چانگ کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جن مان عمر چانگ، ڪمال چانگ ۽ قمر چانگ کي ڪالهه فتح چوڪ تي ڇڏيو ويو هو  جتان ڳوٺ پھتا آھن. اڃان ست ڄڻا کنڀي گم ڪيل آھن، ھوڏانھن جسقم اڳواڻ عبدالغفور چانگ، ڪريم شورو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي قادر بخش زئور، وقار ميراڻي ۽ قومپرست اڳواڻ يوسف ڪنڀار احتجاج ڪندي چيو آھي ته جسقم ضلعي سجاول جي صدر الطاف چانگ، عامر چانگ، شعيب چانگ، صدام چانگ، ھاشم چانگ ۽ شعبان چانگ سميت 7 ماڻھو اڃا تائين گم آھن، جن کي آزاد ڪيو وڃي، پرامن نوجوانن کي بناجواز جي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ٻٻرلوءِ ڌرڻي مان واپس ايندي کنڀي گم ڪيل 7 ڄڻن 2 ڏينھن گذري چڪا آھن پر نوجوان کي ظاهر ۽ آزاد ناھي ڪيو ويو، هنن چيو ته نوجوانن کي آزاد ڪري وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.