ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جسقم جي اعلانيل 10 ڏينهن واري بک هڙتال  ٽئين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي، جسقم جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت 20 ڪارڪنن مسلسل بک هڙتال تي ويٺل رهيا، ڪالهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي طبعيت خراب ٿيڻ لڳي، ڪارڪنن جي اسرار باوجود ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي جسم جو سڙندڙ رت سنڌي قوم کي سنڌو درياءِ بچائڻ لاء وڌيڪ همٿائيندو. ھن چيو ته اسان سنڌو درياءَ ۾ گجگوڙ ڪندڙ پاڻي جون لهرون ڏسڻ چاهيون ٿا، هوڏانهن بک هڙتالي ڪيمپ تي آسا جو صدر استاد عبدالغفور سومرو، ايس يو پي جو مرڪزي نائب صدر امير حسن پنهور، ايڊوڪيٽ محمد خان شيخ، ايڊوڪيٽ نجم جتوئي، ۽ ٻين پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.