ڪنڊيارو (ن پ ا) وفاق پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف جسقم پاران اعلانيل 22 نومبر تي نوشهرو فيروز باءِ پاس تي لڳندڙ ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ ڪنڊيارو شھر ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، حبدار ميربحر، امداد ڪليري، شڪيل گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته وفاق سنڌ سان ملسلسل ناانصافيون ڪري رهيو آهي، اهڙي ناانصافين کي سنڌ جو عوام ڪڏھن به برداشت نه ڪندو، هنن چيو ته سنڌو درياهه مان چولستان وٽان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هنن شھرين کي اپيل ڪئي ته 22 نومبر تي نوشهرو فيروز ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.