جسقم جو پيادل مارچ نيوسعيدآباد پھتو، شاندار آڌر ڀاءُ، گلن سان آجيان

0
20
جسقم جو پيادل مارچ نيوسعيدآباد پھتو، شاندار آڌر ڀاءُ، گلن سان آجيان
جسقم جو پيادل مارچ نيوسعيدآباد پھتو، شاندار آڌر ڀاءُ، گلن سان آجيان

نيوسعيدآباد(ن پ ا) سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف سکر کان پيادل نڪتل جسقم آريسر  جو قافلو نيوسعيدآباد پھتو، جتي سندن گلن سان آجيان ڪري سندن شاندار استقبال ڪيو ويو، امداد سينيما چونڪ تي خطاب ڪندي اڳواڻن اسلم خيرپوري، ڪامريڊ جمن لاکو، ذوالفقار جمالي، نادر ڀنگوار تاج جويو ۽ ٻين چيو  ته سنڌو درياءَ سنڌ جو جياپو آھي ان کانسواءِ سنڌ بنجر بڻجي ويندي اسان اڃ ۽ بک وگھي مري وينداسين اسان ڪئنال ڪڍڻ جي سخت مزاحمت ڪنداسين ۽ ڪنھن  به صورت ۾ ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين ھنن چيو  ته اسان جو احتجاج ڪئنالن جي واپسي واري اعلان تائين جاري رھندو، پيادل قافلو اڄ رات رئيس رحيم گل رند جي ميزباني ۾ رات ترسڻ بعد صبح جو ھالا ۽ ڀٽ شاھه لاءِ روانو ٿي ويندو.