ملير (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو سکر مان نڪتل پيادل لانگ مارچ ملير پهچي ويو، گهگهر ۽ گلشن حديد پهچڻ تي ڪارڪنن پاران شاندارآجيان، گلن جي ورکا، گلشن حديد جي سنڌو چوڪ تي ڪارڪنن جي وڏي انگ کي خطاب ڪندي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري،  فتاح چنا، اشرف بهيلم ۽ اسماعيل نوتڪاڻي چيو ته سنڌو درياءَ ۾ اسان جو ساھه آهي، سنڌو درياءَ مٿان ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي عوام نون ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪئنال ٺهيا ته سنڌ ڀڙڀانگ ۽ زمينون بنجر ٿي وينديون، سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسندا، اڳواڻن چيو ته ڪاپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، سنڌي هن وقت سجاڳ نه ٿيا ته ايندڙ نسل اسانکي معاف نه ڪندو، اسان سڀني کي گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي، هن وقت اسانجي بقاءَ جو مسئلو آهي، سمورا سنڌ واسي هڪ ٿي ڪئنالن ۽ زمينن تي قبضن خلاف آواز اٿارين، 23 فيبروري تي لکين سنڌي ڪراچي پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا، لانگ مارچ جي گلشن حديد پهچڻ تي شھيد بشير خان قريشي جي ننڍي پٽ جي ايم قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن لانگ مارچ جي اڳواڻن کي گلن جا هار پارائي استقبال ڪيو.