دادو ( رپورٽر ) جيئي سنڌ تحريڪ جي سڏ تي سنڌو درياءِ مان چولستان سميت 6 ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏيڻ واري عمل خلاف سورهيه سنڌي ، ظفر ڪوريجو ۽ منصور جمالي جي اڳواڻي ۾ وڏي ميونسپل پارڪ کان دادو مورو پل تائين 14 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري دادو مورو پل وٽ سنڌو درياء کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.  اڳواڻن مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته اڳ ئي سنڌ جو پاڻي پنجاب کڻي رهيو آهي ، جنهن جي ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، سنڌ جي 50 سيڪڙو آبادي جي جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي ، مٿان وري صدر آصف زرداري 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي جيڪا منظوري ڏني آهي ، ان سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون ، 100 سيڪڙو جر جو پاڻي زهريلو ٿي ٿي ويندو ۽ سنڌ ۾ انسانن جو جياپو مشڪل ۾ پئجي ويندو ، پنجاب ارسا جي سمورن معاهدن کي باء پاس ڪري سنڌو درياء تي ڪڏهن ڊئم ته ڪڏهن ڪئنال،تعمير ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائيندو پيو وڃي، وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهون پنهنجي جياپي جي شھه رڳ سنڌو درياء کي بچائڻ لاء روڊن ، رستن تي نڪري اچن. 18 نومبر تي ڄامشورو کان المنظر تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.