حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وومين ايڪشن فورم بجاراڻي-تيغاڻي تڪرار جي عدالت کان ٻاهر نبيري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته رياستي ادارن، عدالتن ۽ پوليس گڏجي سنڌ کي سردارن جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ اهي سردار 47 خونن جهڙي وڏي ڏوهه جا به کلي عام فيصلا ڪري نه رڳو ماڻهن جي تذليل ڪري رهيا آهن پر خود عدالتن ۽ رياست جو به سرعام انڪار آهي، ان معاملي جو پاڪستان جي چيف جسٽس کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي. وومينز ايڪشن فورم پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جھڙي ريت وانا، وزيرستان ۽ اترين علائقن ۾ ماڻھن جي جان ۽ مال طالبان جي رحم و ڪرم تي آھي اهڙي ريت سنڌ جي شھرين کي به ھٿ وٺي سردارن جي حوالي ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن عدالتون اهڙن جرڳن جو نوٽيس وٺي سزا ڏيڻ کان قاصر آھن ته پوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي گهرجي ته هو اتر سنڌ ۾ سڀني عدالتن کي بند ڪري رياست ادارن جي حوالي ڪري ڇڏي. وومينز ايڪشن فورم مطابق ھڪ واٽھڙو ملڪ برادري جي عورت ۽ ميراڻي برداري جي نوجوان جي قتل جو به فيصلو ڪيو ويو جيڪو پڻ پاڪستان جي رياستي توڙي عدالتي نظام جي تذليل آھي. جيڪڏهن سردار ويھي واٽھڙو عورتن جي قتل جا فيصلا ڪن ۽ عدالتن جا جج سرڪار پاران ڏنل مراعتون وٺي اکيون بند ڪري ويهي رهن ته پوءِ ملڪ ۾ ڪهڙو انصاف ٿيندو؟ اهڙو عمل ملڪ جي قانون جي تذليل آھي. جرڳي ۾ سڀني سردارن جي منظوري سان خون بھا جي قيمت ڏھه لک رپيا مرد ۽ ٽيھه لک رپيا عورت جي قتل جي قيمت مقرر ڪئي وئي جڏهن ته تيغاڻي سردار جي گاڏي تي حملي جي قيمت 50 لک رپيا رکي وئي ان جو مطلب اهو ٿيو ته سردار جي گاڏي جي قيمت سنڌ جي ھڪ عام شھري عورت ۽ مرد جي حياتي جي قيمت کان مٿانھين آھي. اھا تذليل سنڌ جي عورت ۽ مرد سان گڏ قانون جي به آھي ۽ قانون جو رکوال هجڻ جي حيثيت ۾ اعليٰ عدالت کي نه رڳو ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر انهن سڀني سردارن کي بنا دير گرفتار ڪري ھٿڪڙين سان عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي جيڪي ھڪ طرف ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪن ٿا ته ٻئي پاسي وري قبائلي جھيڙن جي بنياد تي ناڻو ڪمائين ٿا. وومينز ايڪشن فورم مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي رياست قبائلي جھيڙن وسيلي ڪمايل رقم کي پڻ ڪارو ناڻو قرار ڏي جنھن سان سردارن جي طاقت وڌي رھي آھي ۽ رياستي ادارن جي رٽ به ڪمزور ٿي رھي آھي. جرڳي ۾ 46 خونن ۽ 70 زخمين تي ڪل ڏنڊ جي رقم ٻنهي ڌرين تي 2 ڪروڙ 72 لک رپيا مقرر ڪئي وئي ۽ خون جي بدلي خون لاٿو ويو. ان جرڳي جي سنڌ جي سڀني ساڃاهه وند توڙي سياسي جماعتن کي به مذمت ڪرڻ ۽ جرڳي کي رد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جتوئي ھائوس تي ٿيندڙ اهو جرڳو ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي جي سرپرستي ۾ ٿيو جنھن ۾ مير محبوب علي بجاراڻي، مير شبير علي خان بجاراڻي، سردار تيغو خان تيغاڻي، غوث بخش خان مھر، شھريار خان مھر، معظم عباسي، رياض چانڊيو ۽ عبدالنبي تيغاڻي جا نالا رپورٽ ٿيا آھن جن جرڳي ۾ شرڪت ڪئي. وومينز ايڪشن فورم اها به گھر ڪئي آهي ته جسٽس صلاح الدين پنھور جي لاڙڪاڻي واري بينچ جنهن جرڳي کي ڏوهه قرار ڏيندي ضلعي پوليس کي انھن جي خلاف قدم کڻڻ جو چيو تنهن فيصلي مطابق انھن سڀني ماڻهن تي فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. چيف جسٽس آف پاڪستان کي پڻ پاڪستان پينل ڪوڊ بدران اوطاقي جرڳي ۾ قتل جھڙي ڏوهه تي جرڳو ڪندڙن خلاف نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي.