جرڳائي نظام سماج لاءِ نقصانڪار قرار، وڏيرا ۽ ڀوتار پاڻ جهيڙا ڪرائي جرڳن ذريعي به ڪمائي ڪن ٿا: عوام

0
28

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کا سوال ڪيو ويو ته جرڳائي نظام جو ذميوار ڪير ؟ جرڳن ذريعي فيصلا ٿين ٿا، جرڳائي نظام کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڪهڙو فائدو يا نقصان آهي؟ ڇا جرڳن سان امن ٿي سگهي ٿو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن جرڳن کي نقصانڪار قرار ڏيندي چيو ته وڏيرا، ڀوتار پاڻ جهيڙن ۾ ملوث آهن ۽ جرڳن ذريعي به ڪمائي ڪن ٿا، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته عدالتن مان تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري ماڻهو جرڳن جو رخ ڪن ٿا، پوليس جو نظام به بهتر ناهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آزاد انور مهر لکيو ته جرڳائي نظام ۾ صرف ڀوتارڪي بقا آهي ان فرسودا ۽ ڌپ ڪري ويل نظام جي ڀيانڪ شڪل ٻي ڪهڙي هوندي جو برادري جهيڙي ۾ مرندڙ مسڪين جي خون جي بها 10 لک ۽ ڀوتار جي گذرندڙ گاڏي جي رستي روڪ جا 50 لک ۽ سوشل ميڊيا تي وڏيري جي خلاف ڪيل ڪمينٽ جو ڏنڊ 20لک مقرر ڪجي…مطلب غريب جو خون ايڏو سستو آهي، امجد برهماڻي لکيو ته ڪورٽن ۾ هاڻ انصاف ناهي، طيب انقلابي لکيو ته امن قبائلي ڀوتارن جي ھٿ ۾ آھي، ماڻھن کي جرڳا ڪرائي ڀاڪر پارائين يا ائين کين حڪم ڪن ته ٺھي وڃو، پر اھم سوال اھو آھي ته جھيڙا ٿين ڇو ٿا جو جرڳا ڪرائي حل ڪرايا وڃن ٿا، ھڪ ته انصاف ڪٿي به ناھي نمبر ٻه ته جڏھن به ڌرين ۾ جھيڙو ٿيندو آھي ته معرفت مقامي ڀوتار جي ضرور ھوندي آھي، تنھنڪري بااثر وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته امن ٿي ويندو، ۽ پوءِ ته جرڳي جي ضرور ئي نه پوندي.. ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي لکيو ته جرڳائي نظام عدليا جي آزاديءَ تي خطرناڪ وار آھي ۽ سردارن ڀوتارن، قبائلي جھيڙن کي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. سارنگ منير سومرو لکيو ته ڪمزور عدالتي نظام ۽ رياست ۾ ويٺل ڀوتار رياستي پاور پاڻ ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سرداري نظام کي مضبوط ۽ رياستي ۽ انتظامي نظام کي ڪمزور ڪن پيا ته جيئن ٿاڻا انهن جون اوطاقون ۽ عدالتون ھجن جيئن انھن کي وڻي اھو ڪن، عمران کوسو لکيو ته جرڳائي سردار ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن ڇو ته ڪورٽن ۾ به جج 4 يا 5 حاضرين بعد اڪثر ڌرين کي ٺاهه ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ۽ ٻنهي ڌرين کان فيصلو ڪندڙ سردارن جا نالا وٺندا آهن ۽ اهي سردارن وٽ فيصلو ڪرڻ بعد ٺهي اچي ڪيسن مان هٿ کڻندا آهن، منصور علي سومرو لکيو ته سنڌ اندر جرڳا ڪري ماڻهن کي تڪڙو انصاف ملي ٿو پيو ۽ وڌيڪ خونريزي کان ماڻهن جون قيمتي جانيون بچي وڃن ٿيون.  جرڳا ڪري قبائلي تڪرار ختم ٿي وڃن ٿا. بلڪل امن امان به ٿي وڃي ٿو پيو. جرگن مان ماڻهن کي فائدو ٿئي ٿو پيو. عابد لاشاري لکيو ته ڪورٽن ۾ انصاف ناهي ته ماڻهو ڇا ڪن قاتل آزاد آهن انهن کي سزائون ڏيڻ بجاءِ آزاد ڪيو وڃي ٿو بي ڏوهي سلاخن جي پويان آهن پاڪستان ۾ قانون جو ٻٽو نظام آهي امير لاءِ هڪڙو ۽ غريب لاءِ ٻيو، غلام رسول جتوئي لکيو ته رياستي ادارن جي نااهلي، ڪمزوري ۽ عدالت جي فيصلن ۾ تمام گهڻي دير جي اھم سببن جي ڪري جرڳائي نظام جو ناڪام سسٽم مجبورن قبول ڪرڻو پوي ٿو، احسان قادر سولنگي لکيو ته اسان ترقي ڪرڻ ۽ جرڳائي نظام کان آزاد ٿيڻ نٿا چاهيون ان جو وڏو سبب عدالتون آهن جتي تڪڙو انصاف نٿو ملي، ذاڪر حسين کوسو لکيو ته عدالتن ۽ پوليس جي چڪرن ۾ ماڻهو بيزار ٿي وڃن ۽ وقت سر انصاف نه ملڻ سبب ڌرين جو وڌيڪ نقصان ٿي پوندو آهي ۽ نسلن تائين مسئلا حل ڪونه ٿيندا آهن ۽ باقي جرڳائي سسٽم ۾ ڪجهه رحم دل رئيس وڏيرا مير ۽ ڀوتار ۽ ڪجهه ظالم هجن ٿا، ذوالفقار علي کنڊ لکيو ته پاڪستان جي عدالتن جو حال ھي آھي ته جنھن ڪيس داخل ڪيو اھو مري وڃي ٿو ليڪن تاريخون ختم ئي ڪانه ٿين ٿيون، چانڊيو حنيف سنڌي لکيو ته جرڳا قبائلي ۽ سرداري نظام جي پيداوار آهن جيڪي رياست اندر رياست قائم ڪري غريب عوام تي دٻدٻو قائم رکڻ لاءِ غير قانوني فيصلا ڪري چٽيون وجهي عيش ڪن ٿا، محمد پريل گهوٽو لکيو ته موجوده دور ۾ پوليس عدليه جي سالن تائين هلندڙ ڪاروائين بعد ۾ سالن بعد فيصلن کان جرڳا بهتر آھي، عبدالغني کوسو لکيو ته وڏيرن جي جرڳن سان ورهين کان هلندڙ خوني توڙي زميني تڪرار ختم ٿي وڃن ٿا عدالتي نظام ۾ بهتري نه هئڻ سبب عام ماڻهن جو لاڙو وڏيرن طرف آهي، اسان جون عدالتون جلدي انصاف ڏين ته وڏيرن جون اوطاقتون ويران نظر اينديون، اسد زرداري لکيو ته سنڌ اندر جرڳائي نظام جا ذميوار وڏيرا آھن، محمد يوسف لکيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نااهلي سبب جرڳن جو نظام هر پاسي قائم ٿي ويو آهي، منظور ڪنڀر لکيو ته عدالتي نظام جي ڪمزوري ۽ بروقت انصاف نه ٿيڻ ڪري ماڻھو جرڳائي سسٽم کي بهتر سمجهندا آهن .مبارڪ بجير لکيو ته قانون تي بروقت عمل نه ٿيڻ ۽ انصاف جي ادارن مان ماڻهن کي تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري جرڳن کي هٿي ملي ٿي ۽ ماڻهو مجبورن پنهنجا فيصلا وڏيرن ۽ جرڳاين وٽ کڻي وڃن ٿا، پرويز علي لکيو ته تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري جرڳائي نظام قائم آهي، احمد شر لکيو ته مسڪينن کي سولو ۽ آسان حل جرڳو آھي، رزاق رفيق ڏاهري لکيو ته عدالتن مان ماڻهو مايوس آهن، آصف علي کوسو لکيو ته جرڳائي نظام بھتر آھي اسان جي عدالتي نظام کان، الله ڏنو هالاڻي لکيو ته عدالتي سسٽم مان جڏھن ڪو انصاف نه ملندو ته ظاھر ماڻھو ڪو ٻيو حل ڳولڻ شروع ڪندا، اي ڊي سومرو لکيو ته اگر سنڌ سرڪار پوليس کي سياست کان آزاد ڪري ۽ پوليس پنهنجا قانوني اختيار استعمال ڪري ته جرڳائي سسٽم ختم ٿي سگهي ٿو، لالا خان لکيو ته پوليس ۽ عدالتون بند ٿيڻ گهرجن، ساجد حسين مشوري لکيو ته ڪورٽ مان ڪھڙو انصاف ملي ٿو سالن تائين ماڻهو پريشان رهن ٿا، نديم کوسو لکيو ته ڪنھن حد تائين بھتر آھي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته جرڳائي نظام ڀوتارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو پر ڪورٽن ۾ جلد فيصلا نه ٿيڻ روز روز تاريخون ملڻ مطلب انصاف ۾ دير ٿئي ٿي، سمير احمد لکيو ته ڪورٽون پاڻ ماڻهن کي فيصلي لاءِ موڪلينديون آهن، طاهر جوڻيجو لکيو ته جرڳو چڱو آهي ادارن جي ڀيٽ ۾، منظور علي سنڌي لکيو ته جرڳائي سسٽم ختم ٿيڻ گھرجي قبلائي تڪراري ختم ٿي ويندا، دائود زئور لکيو ته ڪورٽن کان اڳ ٿاڻن تي ڪيس ملي ڀڳت سان ڪمزور داخل ڪيا ويندا آھن جنھن سبب جرڳن کي ھٿي ملي رھي آهي، اختيار مري لکيو ته امن قانون سا ٿي سگهي ٿو، قادر بخش زئور لکيو ته امن قانون سان ٿي سگھي ٿو جيڪو اسان وٽ آھي ڪونه، سنڌي شهزاد لکيو ته اهو عارضي حل آهي، مختيار مولائي به سروي ۾ حصو ورتو، مختيار مولائي به سروي ۾ حصو ورتو، حنيف رودناڻي لکيو ته مسلسل حاضري مٿان حاضري ۽ تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري ماڻهو مجبور ٿي وڏيرن ۽ سردارن جي جرڳرن جو شڪار ٿئي ٿو، رياض حسين چانڊيو لکيو ته جرڳائي نظام غلط آھي، ناانصافين کي جنم ڏئي ٿو جهيڙن جي جڙ جرڳائي نظام آھي، مير قادر لکيو ته جرڳائي نظام جو زميوار وقت حڪومت کي قرار ڏجي ته بھتر آھي اگر عدالتن جو نظام درست ڪيو وڃي ته جرڳائي نظام ختم ٿي سگھي ٿو، ساگر علي رضا به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالحئي مير لکيو ته جتي عدالتون هڪ معمولي ڪيس ۾ ڏهه ڏهه سال لڳائن اتي پنجاهه پنجاهه خونن جو هڪ ئي ڏينهن ۾ جرڳو ڪري معاملو ختم ڪيو ويندو آھي، ايوب کوسو لکيو ته وقت سر انصاف جي فراھمي نه ٿيڻ جي ڪري مجبورن ماڻھو جرڳن طرف وڃن ٿا، ان کان پوءِ سردارن جي اھميت وڌي ٿي ان کان سردار طاقتور ٿين ٿا، مدثر کهاوڙ لکيو ته ڏهن کان کان ويهن سالن کان پوءِ به فيصلو ڪيسن جو نٿو اچي، فريادي مري وڃن ٿا شاهدن کان شاهدي وسري وڃي ٿي، مير صابر ڪاڪيپوٽو لکيو ته عدالتن مان تڪڙو انصاف نٿو ملي، سعيد احمد پنهور، زمان شاهه، اي ڊي سومرو، محبوب ڀيل، اعجاز علي، عبدالستار، سيد شاهه، محمد اسلم، سيد شمن شاھه انقلابي به سروي ۾ حصو ورتو. ايم حسن کوسو لکيو ته جرڳن ذريعي امن ٿي سگھي ٿو ڪو عدل انصاف مطابق جرڳا ٿين ته پر اڪثر ڪري جرڳن ذريعي جھيڙا  وڌي رھيا آھن ان ڪري جو جرڳن ۾ به ڀوتار ڪرپشن ڪري رھيا آھن جرڳن لاءِ ڀوتارن جا پنھنجا نمائندا رکيل آھن اھي نمائيندا وري ڇا ٿا ڪن جرڳو رکڻ لاءِ ٻنھي ڌرين کان ڊيل ڪري ڀوتار جو خرچو رکندا آھن پوءِ ڀوتار جرڳي جو تاريخ مقرر ڪندو آھي ۽  جرڳي ۾ وري اوطاق جو خرچ ڪڍندو آھي، پوءِ وڃي اھو جرڳو ٿيندو آھي ان لاءِ ڀوتار ٺاھڻ بجا ويڙھائڻ وارو ڪردار ادا ڪندا آھن جرڳن تي مڪمل پاندي ھڻي قانون ۽ انصاف جي ادارن کي صحيح فعال ڪيو وڃي. بشير ميراڻي لکيو ته ملڪ جو سسٽم خراب آهي، حڪومتي رٽ قائم ناهي، صدام سومرو لکيو ته جرڳائي سسٽم سنڌ لاءِ ناسور آهي، جرڳن اندر متاثرن ڌرين سان ناانصافيون ٿينديون آهن، امام بخش، آزاد راڄڙ، سهيل خان شيخ، ڪامريڊ عاشق رند، محسن تنيو، اصغر علي ڀٽو، مظفر شبير بوزدار، مٺل ڪي بي به سروي ۾ حصو ورتو. وحيد مستوئي لکيو ته ٻين پاسن کان اھو پاسو بھتر آھي جنھن سان برادريءَ نفرتون ختم ته ٿي رھيون آھن. نثار لغاري لکيو ته جرڳا تباهي آهن اهي سماج کي پوئتي ڌڪي ڇڏين ٿا، يونس برهماڻي، گلشير سومرو، اياز کهاوڙ، بيوس اربيلو ڏاهاڻي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.