جروار ۾ 10 ڏينهن اڳ ماريل پورهيت جي قتل ڪيس ۾ سندس زال جي ملوث هئڻ جا الزام هنيا ويا آهن، پوليس مقتول جي زال ۽ سندس مبينا چاهيندڙ سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو
ڳوٺ ٻانهون خشڪ جي رهواسي پورهيت عبدالحفيظ ميراڻي کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش قاضي واهه ۾ لوڙهيو ويو هو، مقتول سان گڏ سندس زال ۽ ٻه نياڻيون به گڏ هيون جيڪي لاڳيتو گم آهن
مقتول پورهيت جي امڙ دريا خاتون پنهنجي ننهن سياڻي سميت5 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو، پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي
دريا خاتون جو چوڻ آهي ته منهنجي ننهن سياڻي پنهنجي چاهيندڙ عبدالحليم شيخ، عمران شيخ ۽ ٻين سان گڏجي منهنجي پٽ کي قتل ڪرايو ۽ چاهيندڙ سان فرار ٿي وئي
مقتول پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ گهوٽڪي وڃڻ بعد گم ٿي ويو هو، سندس لاش قاضي واهه مان هٿ آيو هو