جروار (ن پ ) جروار ۾ پرائمري استاد جي پيرسن عورت سان جنسي زيادتي، وڊيو وائرل، ڪيس داخل، استاد گرفتار، رپورٽ موجب جروار جي سنديلا محلي واسي استاد بشير سنديلو پاران پيرسن عورت کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد عورت  جو پٽ ٿاڻي تي پھچي ويو ۽ پرائمري استاد بشير سنديلو خلاف جنسي ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد الزام ھيٺ آيل استاد کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، فريادي عظيم سنديلو ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته بشير سنديلو اسان جي غير موجودگي ۾ گھر اندر داخل ٿي منھنجي پيرسن امڙ عزت سنديلو سان زبردستي جنسي ڏاڍائي ڪئي، هوڏانهن جروار پوليس جو چوڻ آهي ته عورت سان جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ عورت جي پٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.