جروار( ن پ ا) جروار۾ ليڊي ھيلٿ ورڪر ناري حسينا بوزدار۽ سندس مڙس  سنڌي ڊرامن جي اداڪارياسين بوزدار سان اھلڪار قذافي ڪلوڙ  پاران بداخلاقي ڪرڻ ۽ موٽرسائيڪل ٿاڻي تي ڪاھي وڃڻ خلاف مين چوڪ تي سياسي سماجي ماڻھن احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائرن کي باھيون ڏيئي چوڪ بند ڪري ڇڏيو،جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ بند ٿي وئي  احتجاج دوران ياسين بوزدار جو چوڻ ھو ته منھنجي گھرواري ليڊي ھيلٿ ورڪر آھي، جنھن کي پوليو  ڊيوٽي  تي ڇڏڻ وڃي رھيو ھيس  جروار جي سرڪاري اسپتال ٻاھران اهلڪارقذافي ڪلوڙ ۽ ھڪ ٻيو پوليس اھلڪار مون سان بناجواز رستي ۾ روڪي ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي بھاني بدتميزي ڪئي ۽  موٽرسائيڪل ڪاھي ٿاڻي ھليو ويو، تازو ھڪ ڪئنال اشو تي ڊرامو ريڪارڊ ڪيو جنھن وڏيرن خلاف نعرا هڻڻ تي اسان کي شڪ آھي ته پوليس اھلڪار وڏيرن جي وانگار پيو وهي ، ھوڏانھن ايس ايڇ او جروار مظاهرين سان فون تي  ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، ٻئي پاسي  مظاهرين مطالبو ڪيو ته اھلڪارن معذرت نه ڪئي ته سومر تي ايس ايس پي آفيس آڏو حتجاج ڪيو ويندو.