جروار(رپورٽ: علي گوهر گبول) جروار ڀرسان نوجوان بيدردي سان قتل، مائينر جي ڪپر تان گوليون لڳل لاش هٿ، تفصيل موجب شهر جي چنا محلا جو رھواسي نوجوان نويد چنو کي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جو باءِ پاس تي چاڪر مائينر جي ڪپر تان گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، رستي ويندڙ ماڻھن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پھچي نوجوان جو لاش سول اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي قتل جو ڪارڻ معملوم نه ٿي سگهيو آهي، مقتول نوجوان جي والد عبدالرحمان چنا ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي، خبر ناھي ڪنھن پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي، ھوڏانھن ايس ايچ او جروار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آھي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.