جروار(ن پ ا) جروار ڀرسان ڳوٺ محمد علي بوزدار جتي چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب گهرن کي باهه لڳي وئي، گھر ڪکاوان ھجڻ ڪري ٽي گهر مڪمل سڙي رک ٿي ويا، گهرن کي باھه لڳڻ سبب گھر جي ڇپري ۾ ستل ڇھه مهينن جي معصوم نينگري ريشما ڌي نور احمد لغاري جيڪا سڙي فوت ٿي ويئي، ٻڌايو پيو وڃي ته گھر ڀاتي سرنھن جي لاباري تي ويل ھئا صرف معصوم ٻار گھر ۾ موجود ھئا وڏا ٻار باهه لڳڻ وقت دانھون ڪندا گھرن کان ٻاھر نڪري ويا پر ڇھن مھينن واري معصوم نينگري کي گھر مان ڪڍي نه سگھيا جيڪا باھ ۾ سڙي فوت ٿي آھي باھ لڳڻ سبب عباس لغاري، نور احمد لغاري ۽ همت لغاري جا گهر سڙي رک ٿي ويا، گھرن ۾ پيل ھنڌ بسترا ۽ اناج به مڪمل سڙي ويو، ھوڏانھن ڳوٺاڻن جي اطلاع باوجود فائربريگيڊ عملو نه پهتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھه تي ضابطو آڻي وڌيڪ ٻيا گھر سڙڻ کان بچائي ورتا، ٻئي پاسي مختيارڪارميرماٿيلو جميل احمدکوسو ۽ تپيدار جروار عبدالسلام لنڊ باھه متاثرن وٽ پھچي نقصان جا تفصيل ورتا ۽ باھه متاثرين کي راشن لاءِ روڪ رقم ڏني.