جروار (ن پ ا) جروار ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ ڇريون هڻي عورت بيدردي سان قتل، مڙس تي الزام، ڪيس داخل نه ٿيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪوڙو مهر ۾ رات غلام فريد بگٽي پنهنجي زال  نجمه کي ڪارنهن جي تهمت ڏئي ڇرين جا وار ڪري ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو،عورت جو لاش وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو،  هوڏانهن مقتول جي ڀيڻ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي ڀيڻ کي مڙس پنهنجي  مائٽن سان گڏجي ڇرين جا وار ڪري ڳلو ڪپي قتل ڇڏيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي يارو لنڊ پوليس موجب ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مقتول عورت جا وارث ناهن پهتا، جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن.