جروار(ن پ ا) جروار ويجھو ڳوٺ مريد خشڪ وٽ بجلي جون تارون ھيٺ ھجڻ ڪري ڪڻڪ جي لاباري تي مزدوري ڪندڙ نوجوان ناري شانتي ڌيءُ صوڀو ميگهواڙ بجلي جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي فوت ٿي وئي، موقعي تي موجود عورتن ۽ ٻارن ۾ دانھون پئجي ويون، اھڙو اطلاع سيپڪو عملدارن کي ڏنو ويو جن فورن بجلي بند ڪئي، ڳوٺاڻن ياسين خشڪ، ڪاشف خشڪ ۽ ٻن احتجاج ڪندي دانهيو ته ڪيترن ئي سالن کان يارنھن ھزار وولٽيج بجلي جون تارون ھيٺ زمين تي ڪريل آھن پر سيپڪو عملدار انهن کي مٿي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.