جروار (ن پ ا) جروار ويجھو بيماري کان تنگ اچي پيرسن پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، تفصيل موجب ڳوٺ جان محمد مهر واسي 50 سالا دلمراد مهر بيماري کان تنگ اچي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو، يارو لنڊ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ميرپور ماٿيلو اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پيرسن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.