جروار(ن پ ا) جروار ويجهو نوجوان بجلي جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، خبر موجب ڳوٺ صاحب خان لنڊ ۾ 18 سالا نوجوان قيس عباس لنڊ گھر جي بجلي ٺاھي رھيو هو ته ڪمري جي ڇت مٿان کليل بجلي جي تارن ۾ وچڙي پيو ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، نوجوان کي بيھوشي جي حالت ۾ طبي امداد لاءِ جروار جي نجي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.