جروار(ن پ ا) جروار ويجهو ڳوٺ مير خان گبول ۾ چرس جي موالي وحيد گبول نشي جي حالت ۾ ڳوٺ جي معصوم نينگر صوميا ولد جاويد گبول سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، نينگري جي دانهن تي ڳوٺاڻن پهچي معصوم نينگري کي ڇڏائي ورتو، ڳوٺاڻن موالي کي پڪڙي مارڪٽ ڪري جروار پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، معصوم نينگري جي پيءُ جاويد گبول دانهيو ته جوابدار منهنجي معصوم ڌيءَ کي زمين تي وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري فوري طور ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو جوابدار گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ اي ايس پي ميرپور ماٿيلو جي آھي، انڪواري ۾ ڏوهي نڪتو ته فورن ڪيس داخل ڪيو ويندو.