جروار(ن پ ا) جروار ويجهو ڳوٺ سلطان گبول ۾ زميني تڪرار تان گبول برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب غلام حسين گبول غلام ياسين گبول شديد زخمي ٿي پيا، اهڙو اطلاع جروار پوليس کي ڏنو ويو جروار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي زخمي پي پٽ کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو، هوڏانهن زخمي غلام ياسين گبول الزام هنيو ته مخالف منهنجي گهر ۾ داخل ٿي اسان مٿان تشدد ڪرڻ کان پوءِ گهر کي باھه ڏيئي ويا آھن، باھه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي رابطو ڪرڻ تي جروار پوليس ٻڌايو ته حميد گبول ۽غلام حسين گبول جو زمين جي معامري تي تڪرار هلندڙ آھي جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آھي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا هوڏانهن جروار ٿاڻي تي پنج ڄڻن مٿان اين سي داخل ڪئي وئي آهي.