برلن (انٽريسٽنگ نيوز) جرمني جي هڪ شهر ۾ 900 کان وڌيڪ ڪتن جي عالمي پريڊ جو مقابلو ڪري ورلڊ بڪ ۾ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، ريگنسبرگ شهر ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪتن جي عالمي پريڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ 900 کان وڌيڪ ڪتن پنهنجي مالڪن سميت شرڪت ڪئي، ذريعن جو چوڻ هو ته هن پريڊ ۾ 11 سئو کان وڌيڪ ڪتا شامل آهن، پر گنيز ورلڊ بڪ طرفان 900 ڪتا شامل ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي، پريڊ جي موقعي تي سيپي گلپيڪ پاران ڊيڪل ميوزيم جو بنياد رکيو ويو ۽ پريڊ جو انتظام ڪيو ويو، سيپي گلپيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پريڊ جو مقصد ڪجهه بهتر سوچ فراهم ڪرڻ آهي،هن چيو ته هي شهر سياسي نه آهي، هتي سڀ ماڻهو هڪ ٻئي جي برابر آهن، اسان اهو نٿا چئون ان تي رنگ ڪارو آهي يا اڇو يا اهو ٻئي ڪٿان آهي، اسان سڀ هڪ آهيون،