برلن(م ڊ) جرمني ۾ ڪروڙين ووٽنگ شروع ٿي وئي آهي. هن ڀيري ساڄي ڌر جي پارٽي سي ڊي ايو کي ڪاميابي ملڻ جا امڪان آهن. ايگزٽ پول موجب سي ڊي يو جي سربراهه فريدرڪ مرز جي چانسلر چونڊجڻ جا واضح امڪان آهن. ساڄي ڌر جي ٻي پارٽي الٽرنيٽو فار جرمني اي ايف ڊي جي گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ سئو سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي ۽ ان جي ٻئي نمبر تي رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته چانسلر اولف شولز به چانسلر جو اميدوار آهي. هن ڀيري به ڪنهن پارٽي کي واضح اڪثريت ملڻ جو امڪان نه آهي جنهن ڪري هڪ ڀيرو وري اتحادي حڪومت ٺهڻ جو امڪان آهي.