دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڪِٽ تي استعمال ٿيندڙ لوگو تان ميزبان ملڪ جو نالو هٽائڻ واري ڀارتي درخواست تي پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، آءِ سي سي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ شامل سڀ ٽيمون پنهنجين جرسين تي ٽورنامينٽ جي لوگو سان گڏ ميزبان ملڪ جو نالو لکڻ جون پابند آهن. آءِ سي سي سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته جنهن به ٽيم پنهنجي آفيشل جرسيءَ تي لوگو نه لڳايو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ سي سي طرفان اهڙين رپورٽس کانپوءِ وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ مبينا طور ٽيم جي جرسي تي ميزبان پاڪستان جو نالو لکڻ تي اعتراض واريو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته بي سي سي آءِ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي جي جرسيءَ تي پاڪستان جو نالو نه لکرائيندو. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به اهڙن دعوائن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي چيو ته بورڊ جي ڪنهن به عهديدار ان معاملي تي ڀارتي ميڊيا رابطو ناهي ڪيو.