جديد ٽيڪنالاجي ۽ اِي- ڪامرس ڏانهن وک وڌائڻ جي ضرورت

0
68
جديد ٽيڪنالاجي ۽ اِي- ڪامرس ڏانهن وک وڌائڻ جي ضرورت

انسان پنھنجي عقل، زبان يعني ڳالھائڻ جي اھليت، علم ۽ علم جي ٺھڪندڙ استعمال يعني دانش سان ھڪ عام ۽ غير اھم مخلوق منجھان ارتقا ڪندي ڌرتيءَ جي گولي تي موجود ٻين سڀني مخلوقات مٿان سبقت حاصل ڪري حاوي ٿي ويو. ٻوليءَ ۽ ان جي اظھار اجنبي انسانن ۾ پنھنجي بقا ۽ ترقيءَ جي گڏيل مقصدن جي حاصلات لاءِ ھڪ ٻئي سان تعاون ۽ ھڪ ٻئي تي انحصاري کي فروغ ڏنو آھي. جڳ مشھور مؤرخ ۽ دانشور يووال نوح ھراري مطابق بظاھر ۽ مجموعي طرح سان ھڪ ٻئي تي انحصاري اسان کي ترقي جا ڏاڪا چاڙھيندي پٿر، زرعي ۽ صنعتي دورن کان موجوده سليڪان يا ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور تائين اچي پھچايو آھي جتان ھو مستقبل قريب ۾ فاني منجھان لافاني ٿيڻ ۽ خدائي صفتون ماڻڻ جا خواب ڏسي رھيو آھي، پر انفرادي طور سندس عام سمجھ جي ڇھين حس ته ڄڻ ختم ٿي چڪي آھي پر پنجن حواسن سان لاڳاپيل مشاھدو پڻ محدود ٿيندو پيو وڃي! ھن ذھن کي جھنجھوڙيندڙ مضمون ۾ اھو ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انفرادي طور اڄ جا انسان، خاص ڪري اسان جي سنڌ جا اڪثر عوام، ڪيئن نه ڀٽائي چواڻي “پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن” بڻجندا پيا وڃن!

ھڪ رياست جو حڪومتي نظام چاھي ڪھڙي به طرز (جھموريت، سوشلسٽ، سرمائيداريت، امراء شاھي، بادشاھت، آمريت وغيرہ) جو ھجي ان جو ڪار ونھوار عوام تي مڙھيل سڌي يا اڻ سڌي ٽيڪس جي نظام تي انحصار ڪري ٿو. انڪم ٽيڪس (آمدني يعني پگھارن ۽ اجرت تي لڳل)، جنرل سيلز ٽيڪس (خريد ۽ فروخت ٿيندڙ عام زندگيءَ ۾ واپرائجندڙ ۽ استعمال ٿيندڙ شين ۽ مصنوعات تي لڳل)، پراپرٽي ٽيڪس (زمين، ملڪيت وغيره رکڻ يا  زرعي اپت تي لڳل)، ڪارپوريٽ ٽيڪس (ڪمپنين ۽ ڪارپوريشنز جي شين ۽ خدمتن تي ٽيڪس)، ڪسٽم ڊيوٽي ٽيڪس (آمدني ۽ روانگي واپار تي لڳل) وغيره اھم حڪومتي ٽيڪسن ۾ شامل آھن. اسان جي ديس ۾ انڪم ۽ سيلز ٽيڪس قومي خزاني جوڙڻ ۾ وڏو حصو وجھندڙ ٽيڪس آھن. اسان جي ملڪ جي ھلندڙ مالي سال 2023-24 جي سالياني بجيٽ 14 ٽرلين يعني 140 کرب پاڪستاني روپيا آھي، جنھن مان ٿلھي ليکي مٿيان 40 کرب بجيٽ خسارو آھي، جيڪو ڏيھي پرڏيھي قرض کڻي ملڪي ڪار وهنوار سال لاءِ ھلايو ويندو. ٻين لفظن ۾ عوام جي پگھر جي پورھئي مان 100 کرب روپيا سالانه ٽيڪس جي صورت ۾ نپوڙي ڪڍيا ويندا آھن، جن مان وڏو حصو طاقتور ۽ بدعنوان ادارن، آفيسرن ۽ وزيرن مشيرن جي ڦاٽل کيسن ۽ ڀڀن ۾ غائب ٿي ويندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو بدعنوان آفيسر ۽ چونڊيل نمائندا چند سالن ۾ ڪک پتي مان ڪروڙ ۽ ارب پتي بڻجي ويندا آھن.

انسان پنھنجي اوائلي يعني غير تھذيب يافتہ دور ۾ جھنگن، جبلن، دريائن ۽ سمنڊن جي ڪنارن تي قبيلن جي صورت ۾ رھندي اھو شعور ضرور رکندو ھو ته سندس بقا لاءِ ڪھڙين شين ۽ جانورن کان خطرو آھي ۽ ڪھڙين شين ۽ جانورن کي استعمال ڪرڻ ۾ فائدو آھي. نتيجي ۾ اھي ڀلي ڀت خطرناڪ شين ۽ جانورن کان محفوظ مفاصلي تي رھندا ھئا ۽ حملي جي صورت ۾ انھن کي ماري مات ڏيندا ھئا. ھن جديد سليڪان يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ ترقي يافتہ ملڪن ۽ فلاحي رياستن ۾ اڄ به انسانن، خاص طور پنھنجن شھرين، جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ سندن معاشري جي سماجي اظھارن مان اولين اظھار آھي ۽ انھن ۾ اھڙو سماجي شعور پڻ موجود آھي. ھڪ پاسي اھڙن ملڪن ۽ رياستن ۾ عوام کي زندگي گذارڻ جون بنيادي سهولتون جھڙوڪ پيئڻ جي صاف پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال، تعليم، صحت، روزگار ۽ تفريح جون بھترين سھولتون ميسر آھن؛

اتي جا حڪمران، آفيسر ۽ چونڊيل نمائندا پنھنجي جائز پگھار ۽ آمدني کان ڪنھن به صورت ۾ وڌيڪ اثاثا نه ٺاھي سگھندا آھن، نتيجي ۾ عھدي تان لھڻ کان پوءِ پنھنجي گذر سفر لاءِ انھن کي ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻو پوندو آھي ۽ ان ۾ اھي فخر محسوس پڻ ڪندا آھن. ٻئي پاسي وري اسان پارا ٽئين دنيا جا ملڪ آھن جن ۾ عوام لاءِ زندگي موت جي گھاڻي مثل بڻيل ھوندي آھي؛ پيئڻ جو صاف پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام، تعليم ۽ صحت جون سھولتون سندن خواب مثل ۽ انھن جو ميسر ھجڻ عياشي مثل محسوس ٿيندا آھن؛ اتان جا حڪمران، فوجي جرنيل، آفيسر ۽ چونڊيل نمائندا چند سالن ۾ عوام جي ٽيڪس جي پيسي تي راتاھا ھڻي پنھنجي جائز آمدني کان ھزار ۽ لک دفعا وڌيڪ اثاثا ٺاھي ويندا آھن، اھو ئي سبب آھي جو اھي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ سڄي جا سڄا سامونڊي ٻيٽ خريد ڪري سگھندا آھن ۽ ايتري ملڪيت ٺاھي ويندا آھن جو انھن جا ست نسل ويھي کائين ته به سندن عياشين ۾ ذري برابر کوٽ نه اچي!

ٽئين دنيا يعني اسان جي پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ طاقتور حڪمران ۽ بدعنوان طبقن سوچي سمجهي ۽ ھٿ وٺي تعليمي نظام توڙي شعور جي آبياري ڪندڙ سماجي نظامن کي تباھ ڪري عوام ۾ اھڙو ھٿ ٺوڪيو ثقافتي ۽ سماجي لاڙو جوڙيو آھي جنھن ۾ ڪوڙ ۽ چمچاگيري کي زندگي گذارڻ جو گر ۽ ترقيءَ جو ضامن سمجھيو پيو وڃي. اھو ئي سبب آھي جو اسان جي ديس ۾ ھڪ عام چور ۽ ڌاڙيل جيڪو عوام کان ھزارن ۽ لکن روپين جي چوري يا ڦر ڪري ٿو اھو ته نفرت جي قابل آھي پر جيڪي بدعنوان آفيسر يا چونڊيل نمائندا سندن پگھر جي پورھئي يعني ٽيڪس تي ڪروڙن ۽ اربن جا مسلسل ڌاڙا ھڻي پاڻ ته جيئري ئي جنت جھڙي زندگي گذارين ٿا پر عوام جي زندگيءَ کي جھنم جھڙو بڻائين ٿا، اھي الٽو تمام معتبر ۽ عزت لائق ۽ خدا بڻيل آھن! اسان ڪيستائين عقل جا انڌا بڻجي “پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن” واري جھالت ۾ تڙپندا رھنداسين؟!ھن مورکي ۽ ذھني غلامي مان نڪرڻ جو تڪڙو رستو بدعنوان ڀوتارن، سردارن، وزيرن ۽ مشيرن جي سالن تائين جتي سڌي ڪرڻ ۽ غلامي ڪندي پٽيوالي ۽ چوڪيداري جي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ بدران معاشي طور پاڻ ڀرا ٿيڻ لاءِ ننڍي پيماني تي پنھنجو ذاتي بزنس کولڻ يا گھر ويٺي اي- ڪامرس وسيلي ڪمائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي فني تربيت حاصل ڪري پنھنجو روزگار شروع ڪرڻ آھي. ٻيو ته اتساھيندڙ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي عام تعليم ۽ پيشه ورانه تعليم ۾ ڀڙ ٿيڻ ۽ شعور ۽ آگاھي حاصل ڪري چٽاڀيٽي ۽ مختلف کاتن جا ڪميشن جا امتحان پاس ڪري آفيسر بڻجڻ جا ھڪ جيترا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گھرجن. ان سان گڏ سلجھيل استادن، دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن تي اھو فرض عائد ٿئي ٿو ته اھي پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ “سجاڳي فورم” قائم ڪري انھن تي نوجوانن جي شعوري آبياري لاءِ ليڪچر ۽ ڳالھ ٻولھ جا پروگرام باقاعدگي سان منعقد ڪرائين. اھڙي ريت آھستي آھستي ھاڪاري تبديلي اچي سگھي ٿي!