بهاولپور(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته آءِ ٽي ۽ جنگي تيارين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جديد منصوبا آندا ويا، جنگ جي جديد رُجحان پٽاندڙ پاڪ فوج جي سکيا جو عمل جاري آهي، آرمي چيف بهاولپور ڇانوڻي جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جو جائزو ورتو، جوانن جي حوصلي ۽ جنگي تيارين جي ساراهه، آرمي چيف چيو آهي ته هڪ سپاهيءَ جو بُنياد اثرائتي سکيا آهي، جديد جنگي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج کي نمايان حيثيت حاصل آهي، آرمي چيف يونيورسٽيز جي شاگردن سان ملاقات دوران نوجوانن جي تعليم ۽ ترقي ۾ فوج جي عزم کي اجاڳر ڪيو.