جديد سنڌي شاعري ۽ سائينداد ساند جا تخليقي رنگ

0
31
جديد سنڌي شاعري ۽ سائينداد ساند جا تخليقي رنگ

  اڄ به جڏهن سنڌ ۾ جديد سنڌي شاعرن جو تذڪرو ٿئي ٿو تڏهن ٿر مان سائينداد ساند جو نالو وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.جديد سنڌي شاعري ۾ ھو غزل جو بھترين شاعرپڻ ليکيو وڃي . سائينداد ساند جو جنم هڪ مارچ 1957ع ۾ ڳوٺ متارو ساند ۾ ٿيو، 1985ع ۾ سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ 22 سيپٽمبر 1986ع ۾ بوائز ڪاليج مٺي ۾سنڌي جي ليڪچرار طور جوائن ڪيو. سائينداد ساند ٻه دفعا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي جو پرنسپال ۽ هڪ دفعو ڊگري ڪاليج ڏيپلو جي پرنسيپال جي عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ هن مختلف وقتن تي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ ڪاليج جي هزارين شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائي 28 فيبروري 2017ع تي رٽائرمينٽ ورتي ۽ ھن وقت ھو مٺي ۾ رھائش پذير آهي. پنهنجي مزاج ۾ انتھائي گھڻو نفيس ۽ حساس طبعيت رکندڙ  ھي اھو شخص آهي جنهن جي شاعري عام لوڪن جا ماڻهوَ به فوزيا سومرو، صادق فقير، الھڏنو جوڻيجو، ڪريم فقير، رجب فقير، رفيق جي آواز ۾ وڏي دلچسپي سان ٻڌن ٿا ۽ سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو پڻ ھن جي شاعري جو مداح رھيو آهي.

ھن جي شاعري راڳي حسين فقير جي آواز ۾ “رات گذري وڃي ته ڏاڍو سٺو ياد وسري وڃي ته ڏاڍو سٺو” ريڊيو ذريعي سماعتن تائين پھتي ھئي تڏهن انھي ڪلام ھن کي تمام گهڻي مقبوليت ڏني ان کان پوءِ سنڌ جي ٻين فنڪارن جن ۾ صادق فقير، ڪريم فقير  ھن جي شاعري کي جديد ڌنن ۾ ترتيب  ڏئي اسٽيجن تي ڳائڻ شروع ڪيو تڏھن ھو شھرتن جي بلندين تائين پھتو. سندس ڪلامن کي جڏهن مشھو فنڪاره فوزيا سومرو عوامي رنگ ۾ ڳايو تڏهن ھن جي شاعري کي سنڌ جي جھرجھنگن ۾ مڃتا ملي. فوزيا سومرو جي آواز ۾ ڳايل ھن ڪلام “ڪنهن ھٿ ھلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا اوھين ياد آيا ته ڳوڙها ڳڙي پيا” کي عام لوڪن جا ماڻھو پڻ پنهنجي منھن پيا جھونگاريندا آهن. ھن جو لکيل ڪلام “دردن جو داستانو ڀلا ڪير ٿو ٻڌي مصروف آ زمانو ڀلا ڪير ٿو ٻڌي ”جڏهن صادق فقير جي آواز ۾ ٻڌجي ٿو تڏهن دل مان بي پناھه واھه واھه نڪري پوي ٿي. ھو جڙتو ۽ جڳاڙي شاعري کي پسند ناھي ڪندو ھو سمجھي ٿو شاعري ۾ ڪابه ڪاريگري چالاڪي وغيره ھلي نٿي سگهي جيتوڻيڪ ھن تمام ٿورو لکيو انھي جا به ڪي سبب آهن مکيه  ڪارڻ ھي آھي ته ھو بي ساخته سچي شاعري ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.

 سائينداد سنڌ جي علمي ادبي لڏي ۾ ھڪ غير تڪراري ماڻھو رھيو آهي ھن کي مون ڪڏهن به ڪنهن  سرڪاري عھدي پويان ڊوڙندي ناھي ڏٺو نه وري ڪڏهن ڪنهن ڪاموري وزير مشير جي چمچاگيري ڪندي ڏٺو آھي ھو سياسي سماجي ۽ گلشن جي ڪاروبار۾ ان فٽ ماڻھو رھيو آھي ھن کي مون ڪڏهن به شھرتن پويان ڊوڙندي ناھي ڏٺو . سندس چوڻ آهي ته مونکي شھرت پسند ماڻهن کان چڙ ٿيندي آهي ھو مختلف ادبي پروگرامن ۾ تمام گھٽ ويندو آهي ھو پنھنجي شخصيت جي جوھر ۾ ھڪ خوددار شاعر آهي ۽ ھو  من جو موجي ماڻھو آهي ھن جي شاعري ۾ ھڪ وسيع انسپائيريشن inspiration پڻ آھي ھو سنڌي ٻولي جو ھڪ  پختو شاعر آهي کيس شاعري جي ھر صنف تي چگو خاصو دسترس حاصل آهي. ھو ھڪ نقاد جي حيثيت سان سنڌي شاعري جي ھر صنف تي خوبصورتي سان ڳالهائي سگهي ٿو ھن کي خبر آهي ته سنڌي شاعري جي جدت جا رنگ ڪھڙا آهن ۽ ھن وقت سنڌي شاعري جو معيار ڪھڙي موڙ تي بيٺل آهي.

  ھن وقت تائين سائينداد ساند جي شاعري جا ٽي ڪتاب (مجموعا )جن ۾ڳوڙھن ڳالھايو،  دل جي تاريخ  ۽ سنڌ ڪرو کيتر جيان ڇپجي چڪا آھن جڏهن ته نثر جو ھڪ ڪتاب خيالن جا پکي پڻ ڇپيل آهي. سنڌ جا نوجوان انھن ڪتابن کي پڻ وڏي دلچسپي سان پڙھن ٿا. ھن جي شاعري جي مجموعن ۾  گيت غزل وايون بيت نظم دوھا  شامل آهن، سائين سائينداد ساند سان منهنجي نيازمندي جو سلسلو 1993 کان جڙيل رهيو آهي.هڪ شاگرد ۽ هڪ ادب ذوق دوست جي حيثت ۾ مون سائين کان گهڻو ڪجهه سکيو. سائينداد ساند جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن، سڄي سنڌ ۾ هن جي سڃاڻپ هڪ بهترين شاعر طور ٿئي ٿي. پرمون هن کي هڪ شاعر سان گڏ هڪ سٺي  بهترين استاد طور پڻ ڏٺو آھي. سائينداد ساند پنهنجي طبعيت ۾ انتهائي حساس ترين شاعر ۽ نهايت ئي نفيس ۽ ماٺيڻي طبعيت رکندڙ شخص آھي. ھو ھڪ غريب ۽ پورھيت ڪلاس سان تعلق رکي ٿو ۽ ھو تمام مشڪل حالتن ۾ پڙھي اڳتي اسري آيو ۽ بعد ۾ ھن پنهنجي منزل ماڻي. سنڌ ۾ اياز گل، وفا ناٿن شاهي جيان ھن جا غزل تمام گھڻا مقبول آهن انھي ڪري ادبي لڏي ۾ ھو تمام گهڻو مقبول شاعر ليکيو وڃي ٿو.

اوهان ڏي نهاري اکيون ڀرجي آيون، سڄو ماضي ساري اکيون ڀرجي آيون

بکون، ڏک، ڌاڙا، قتل ڪاروڪاري وطن تي ويچاري اکيون ڀرجي آيون (سائينداد ساند)  سنڌ جو  اهو سٻاجهڙو شاعر آهي جنهن سنڌ جي ٻين اديبن ، شاعرن ۽ قلم ڪارن جيان ڀٽو خاندان جي شهادتن جي درد کي گهرائي سان محسوس ڪيو آهي. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو صدمو هن شاعر جي دل تي قيامت جيان گذريو آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڪيڏاري تي بيت سرجي هن شاعر هڪ شعري مجموعو “ سنڌ ڪرو کيتر جيان ” پڻ لکيو آهي سندس ٻه شعر ھتي ملاحظه ڪجن ٿا

*راڻي تنهنجي رت مان ايندا انقلاب

گھر گھرگلاب ھوندا تنهنجي نانءُ جا

* ڌرتي جي دامن ۾ ستي منهنجي ڀيڻ

دنيا بڻجي نيڻ روئي تنھن کي روز ٿي

ڪتاب دل جي تاريخ ۾ هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت تي لکيل ڪجهه شعر پڻ شامل ڪيا آهن.

سائينداد ساند جي شاعري جا اڪثر گيت ۽ غزل  موسيقي جي رڌم جي تسلسل ۾ آهن اهو ئي سبب آهي جو سائينداد ساند جي گيتن کي سرن جي آلاپ ۾ سموئڻ ڪنهن فنڪار لاءِ ايترو مشڪل ڪونهي.سائينداد ساند سنڌي ٻولي جو هڪ سگهارو آهي. پنهنجي حساس طبعيت ۽ پنهنجي هڪ منفرد مزاج سبب ڀلي ڪو به ماڻهو ھن سان سو اختلاف رکي پر سچي ڳالهه اها آهي ته هي ماڻهو ڪنهن لاءِ به دل ۾ بغض نٿو رکي ۽ منافقي جي هن دور ۾  هو وري يارن جو يار آھي. هو ڏات  جي ڏيهه ۾ سنڌ جو ترجمان  شاعر آهي جنهن کي سنڌ جو پڙهيل لکيل طبقو توڙي عام ماڻهو  تمام گهڻو پڙهي ٿو ۽ پسند ڪري ٿو مجموعي طور تي سائينداد ساند جي شاعري ۾  خوبصورتي جا سمورا رنگ پسجن ٿا.

محبت ۾ ڪي ڪي جفائون به جائز

سٺن ماڻهن جون سزائون به جائز

جمهوري رويا ڪو ورثو ناهن

اوهان جون پيارا انائون به جائز

پنهنجي ادبي سفر ۾ تخليقي پنڌ سجايو ڪيوآهي ۽ هو اڃان ٿڪو ناهي سندس تخليقون سنڌي ٻولي ۽ ادب جو املهه خزانو آهن.

الائي ڇو اسان کي وڻيون تنهنجون ڳالهيون

جتي ڀي وياسين ڳڻيون تنهنجون ڳالهيون

اڃان زندگي مان ٿڪا ڪونه آهيون

اڃان ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون