وقت گذرڻ سان گڏ جتي زندگي جي ٻين شعبن ۾ ترقيءَ سان گڏ تبديليون آيون آهن، اتي تعليم جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل ۾ پڻ انيڪ تبديليون رونما ٿيون آهن. اسان ڏٺو ته پهريان ڄاڻ جو خزانو ۽ محور هڪ استاد هوندو هو. پر اڄڪلهه سوشل ميڊيا ان جي جڳهه وٺي چڪي آهي. اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اسان جو واسطو ٻن اهم قسم جي استادن سان پئي ٿو. هڪڙا اهي استاد جن کي اسين بهترين استاد چئون ٿا ۽ ٻيا اهي جن کي اسين وقت پاس ڪندڙ استاد طور ياد ڪريون ٿا. ٻئي قسم وارن استادن کي ته اسين سٺن لفظن ۾ ياد ڪونه ٿا ڪريون پر پهرين قسم جا استاد اسان لاءِ مثالي ڪردار (رول ماڊل ۽ آئيڊيل) جو درجو رکن ٿا. هونئن به چوندا آهن ته ٻار جو پهريون پيار/ آئيڊيل استاد ئي هوندو آهي. اسين پهرين قسم وارن استادن کي جڏهن به ياد ڪريون ٿا ته سندن ڪيل ڪم ۽ محنت جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون. هي سڀڪجهه ائين ڇو آهي؟ ڇالاءِ اسين سٺن استادن کي ياد ڪيون ٿا؟ ڇاڪاڻ ته سندن ڪم سان سچائي، لڳن ۽ ايمانداري واري روش اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. جڏهن ته ٻئي قسم وارن استادن پڙهائيءَ دوران اسان جي ڪنهن به قسم جي مدد ڪونه ڪئي. اسان استادن جي ڪردار ۾ هي فرق ڇوٿا رکون يا کڻي ائين چئون ته اهڙي قسم جي سوچ اسان جي ذهن ۾ ڇو ٿي جنم وٺي؟ ڪهڙو فرق آهي هڪ بهترين ۽ بيڪار استاد ۾؟ پنهنجي موضوع کي وڌيڪ سولو ۽ سهل ڪريون ته ڪهڙو طريقو بهتر آهي اڄڪلهه جي ماحول ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو، جيڪو ٻارن کي پڙهائيءَ واري راهه ۾ هنن جي مدد ڪري. ڇا اسان ڪڏهن هنن سوالن جا جواب تعليمي مواد مان ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ ڪڏهن ڪو آرٽيڪل يا ڪو رسالو جاچيو آهي ته ڪلاس ۾ پڙهائيندي هڪ مسئلو درپيش آهي هن جو ڪو خاطر خواه حل ڪنهن ڄاڻو استاد کان پڇي وٺجي يا اڄڪلهه جا جيڪي جديد ذريعا مون وٽ هر وقت موجود آهن، تن مان ڪو فائدو وٺجي. ڇا ڪڏهن هن ڳالهه جو فڪر ڪيوسين ته مونکي پڙهائيندي ڳچ عرصو ٿي ويو آھي ۽ ائين وقت گذرڻ سان گڏ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جا طور ۽ طريقا به تبديل ٿي ويا آهن. ڪڏهن اسان پنهنجي ڪردار کي سواليا نشان بڻايو ته تعليم ۾ جديد گهرجن مطابق بطور هڪ استاد جي مان پنهنجو ڪردار صحيح طرح سان نڀائي رهيو آهيان؟ ڇا مون پاڻ کي نئين گهرجن مطابق تيار ڪيو آهي؟ ڇا مون پنهنجو پاڻ کان ڪڏهن هي سوال ڪيو آهي ته هڪ استاد ٻار جي سکڻ ۾ هن جي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو؟ ڪيئن هڪ استاد پنهنجي روايتي ڪلاس روم کي جديد گهرجن پٽاندڙ ۽ ٻار دوستاڻو (چائلڊ فرينڊلي) بڻائي سگهي ٿو؟ قطع نظر هن جي ته هر ٻار جي پڙهائي ۾ ڪيترن ئي طريقن مان ڪوبه هڪ طريقو ڪارگر ٿي سگهي ٿو. مطلب هي آهي ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ٻه اهڙا مشڪل مرحلا آهن جيڪي ٻين ڪيترين ئي عنصرن جي اثر هيٺ رهن ٿا، چاهي پوءِ اهي اثر داخلي هجن يا بيروني. اهي عنصر جهڙوڪ ٻار ۽ استاد جو هڪ ٻئي سان سلوڪ، رويو، قابليت، ٻار ۾ سکڻ جي صلاحيت ۽ استاد جو سيکارڻ وارو عمل، ٻار ۽ استاد جا عقيدا ۽ هنن جي ثقافتي سڃاڻپ. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وقت هي سڀ جا سڀ اهم آهن. مزي جي ڳالهه ته هنن عنصرن تي ڪڏهن به نه ڳالهايو ويو آهي، خاص طور تي پنهنجن سرڪاري اسڪولن ۾. مثال طور، اسان ڪڏهن هي غور ئي ناهي ڪيو ته اسلاميات جي پيرڊ ۾ هڪ غير مسلم ٻار جي ذهن تي ڪهڙو اثر ٿي رهيو هوندو….!؟ اسان جڏهن به سبق پڙهائڻ لاءِ منصوبو ٺاهيون ٿا ته ڇا ڪڏهن اهڙين ثقافتي سڃاڻپن کي نظر ۾ رکون ٿا؟ ڇا جن هدايتن اسان ٻارن کي سبق پڙهائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي، ڪلاس ۾ موجود سڀني ٻارن لاءِ اهي قابل قبول آهن؟ ڇا ڪڏهن هي ڪوشش ورتيسين ته سبق واري منصوبي ۾ ٻارن جي شموليت ۽ راءِ ڪيتري اهم ۽ ضروري آهي؟اڄڪلهه جي هن تيز ۽ هل هلان واري دور ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل جي حاصلات ۾ جيڪي تبديليون اسان ڏٺيون، محسوس ڪيون ۽ پرکيون آهن ۽ غور ڪيو آهي ته استاد جيڪو ماضي ۾ ڄاڻ جو مرڪز ۽ عقل ڪل ڄاتو ويندو رهيو ان جي جاءِ هاڻي سندس ئي ڪلاس روم ۾ موجود هڪ ٻار والاري چڪو آهي ۽ هاڻي ان استاد جو ڪم ڪلاس روم ۾ پڙهائڻ دوران ٻار کي سهولت پهچائڻ وارو ٿي ويو آهي. جيڪو استاد ٻارن لاءِ خوف جي علامت هو، هاڻي دوست، مددگار ۽ سهولتڪار (فيسليٽيٽر) بڻجي ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل کي ٻن اهم طور طريقن استاد آڌاري طريقو (ٽيچر سينٽرڊ) ۽ شاگرد آڌاري طريقو (اسٽوڊنٽ سينٽرڊ) ۾ورهايو ويو آهي. هن آرٽيڪل کي لکڻ جو مقصد به اهوئي آهي ته هن جديد خيال کي سنڌ جي انهن استادن تائين پهچائجي، جيڪي مٿي بيان ڪيل پهرين قسم وارن استادن جي ٽولي ۾ اچن ٿا ۽ سنڌ جي تعليمي ماحول کي جديد گهرجن آهر هلائڻ لاءِ نه صرف پنهنجو ڏينهن رات هڪ ڪري بلڪه پنهنجو رت، ست ۽ وِت ڏئي رهيا آهن.
استاد آڌاري طريقو:
پڙهائيءَ جو هي طريقو استاد کي ڪلاس جو مالڪ، خود مختيار ۽ پنهنجو ڪردار سڌو سنئون نڀائڻ وارو بڻائي ٿو. هن طريقي ۾ ڄاڻ جو ڪل مرڪز هڪ استاد ئي هوندو آهي. هن طريقي کي ڊِڊڪٽوِ (نتيجن ڏيڻ وارو) يا ايڪسپوزيٽري (تشريح) وارو طريقو به چيو وڃي ٿو. ليڪچر هن طريقي جو هڪ مثال آهي. پڙهائيءَ جي هن طريقي ۾ استاد کي ٻارن مٿان ڪل اختيار هوندو آهي. هن طريقي ۾ استاد جي مرضي هوندي آهي ته ڇا پڙهائي ۽ ڇا نه…ٻارن کي ڪهڙي سڌ ڏجي ۽ ڪهڙي نه…وقت گذرڻ سان گڏ هي طريقو پنهنجو ٻوري ۽ بسترو ويڙهي رهيو آهي پنهنجي افاديت وڃائي رهيو آهي. بنهه پراڻو ۽ مدي خارج ٿي چڪو آهي. پر سنڌ ۾ اڃان به موجود آهي. هن طريقي کي “چاڪ ۽ ٽاڪ” طريقو به چيو وڃي ٿو.
شاگرد آڌاري طريقو:
هي طريقو جديد، وقت جي گهرج آهر ۽ ٻار جي نه صرف ذهني اوسر پر، هن جي ثقافتي لاڳاپي کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي. هن طريقي کي دريافتي، يا جهنجهوڙ طريقو به چيو وڃي ٿو. هن طريقي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ دوران ٻار جي شموليت تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ٿو، يعني جيترو ٻار پڙهڻ واري سرگرمي ۾ شامل رهندو، اوترو هو چست، چالاڪ، ڄاڻو ۽ پُر اعتماد ٿيندو ويندو. ٻارن جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ملي جلي پڙهڻ ۽ مدد ڪرڻ هن طريقي جا مثال آهن. جڏهن توهان شاگرد آڌاري طريقي جو استعمال ڪريو ٿا ته حقيقت ۾ توهان ٻارن کي سيکارڻ لاءِ هڪ قسم جي ايجنڊا تيار ڪريو ٿا ۽ توهان پنهنجو اختيار به محدود کان محدود ڪريو ٿا. توهان کي هي ڳالهه به وسارڻ گهرجي ته ڄاڻ جا خزانا ۽ مرڪز به توهان ئي آهيو. تجربن ذريعي هي ثابت ٿي چڪو آهي ته هن طريقي کي اپنائڻ سان ٻار گهڻو سکي ٿو، ڪجهه شيون هو پاڻ ڪري ٿو، ڪجهه ٻين ٻارن جي مدد سان ۽ جيڪڏهن ڪٿي منجهي پئي ٿو ته استاد هن جي سهولت بڻجي پئي ٿو.
توهان کي هاڻي هي فيصلو ڪرڻو آهي ته، ڪهڙي طريقي کي توهان پنهنجي اسڪول جي ماحول کي مدنظر رکندي، پنهنجي ڪلاس روم ۾ لاڳو ڪريو ٿا. توهان کي اهو هاڻي کان ئي سوچڻ گهرجي ته، توهان ٻارن کي ڪيترو سٺو ۽ سولو ماحول ڏئي سگهو ٿا، ڪهڙا لاڀ (آئوٽ ڪمز) آهن، جيڪي توهان حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، توهان ٻارن کي ڪيتري مدد پهچائي سگهو ٿا. گذريل وقت ته واپس ڪونه ورندو پر ايندڙ وقت جو ڪيترو حصو صحيح استعمال ۾آڻي سگهو ٿا. توهان جو پڙهائڻ وارو منصوبو اهڙو هجڻ گهرجي، جيڪو ٻار جي ذهني اوسر جو اندازو رکي ۽ هن لاءِ دلچسپي وارو ماحول پيدا ڪري. ياد رکو ته ٻار جيڪڏهن اٺ مسيت (مسجد) تي چاڙهي سگهن ٿا ته پڙهي ۽ سکي به سگهن ٿا. چوندا آهن ٻار آ مڇ جو وار، پوءِ جيڏانهن ورايوس. توهان ٻارن کي ڪلاس روم ۾ اهڙي سهولت پيدا ڪري ڏيو ته، جيئن ٻار پنهنجي حڪمت عملي پاڻ جوڙين ۽ توهان جي متن (ڪنٽيڪسٽ) سان گڏ هلن. توهان اهو ضرور غور ۽ فڪر ڪريو ته توهان جو منصوبو ٻار جي گهرج مطابق آهي…؟ اڄڪلهه جي هن تيز رفتار ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ هڪ ٻار جي رهنمائي ڪرڻ، جيڪا هن جو نه صرف حق پر ضرورت پڻ آهي. هن کي اها آزادي ڏيو، جنهن جي هو خواهش رکي ٿو.
هڪ ڳالهه جيڪا ضروري آهي ته، توهان مٿي بيان ڪيل ٻنهي طريقن مان ڪهڙو به طريقو کڻو، جيڪڏهن توهان ٻارن ۾ پڙهائڻ وارو جذبو، سکڻ جي خواهش ۽ ڪجهه ڪرڻ جي سوچ پيدا ڪري ويا ته پوءِ توهان پنهنجو لاڀ حاصل ڪري ويا ۽ ٻار گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا. مون اٺين ڪلاس جي شاگردياڻين کي جڏهن مضمون ڪيئن لکجي پئي سمجهايو ته هنن کي سندن درجي واري انگريزي ڪتاب ۾ ڏنل طريقن کي سامهون رکي پئي سمجهايو. مون شاگردياڻين کي چيو ته سڀاڻي توهان “ماءِ اسڪول” ۽ “سٽي هاسپيٽل” تي مضمون لکي کڻي اچجو. جنهن جو مضمون بهتر لکيل هوندو، اهوئي مضمون سڀئي ٻارڙيون لکنديون. يقين ڪريو ته پنجاهه شاگرياڻين جي ڪلاس مان ڏهن کان مٿي شاگردياڻيون مضمون لکي کڻي آيون. مون مضمونن ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ڪري سڄي ڪلاس کي لکرائي ڇڏيو. نه صرف ايترو پر مضمونن جي “هيڊنگز” بعد سندن نالا به لکي ڇڏيا. منهنجي هن ننڍڙي عمل سان اهي شاگردياڻيون تمام گهڻو خوش ٿي ويون. انهيءَ ڪري ته هنن جي محنت جو قدر ڪيو ويو آهي. مطلب هي آهي ته ڪم ٻارن کي ڪرڻو آهي. استاد صرف سهولتڪار آهي. پڙهڻ پڙهائڻ جا طور طريقا مٽجي ويا آهن، سو ضروري آهي ته اسان پاڻ کي به تبديل ڪريون.