جديد دنيا ۽ اسان جا نوجوان

0
37
جديد دنيا ۽ اسان جا نوجوان

 ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته، “جيڪي ماڻهو وقت گذارڻ چاهين ٿا، انهن جو وقت ته گذري ويندو آهي پر زندگي ضايع ٿي ويندي آهي.” ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، وقت گذارڻ ۽ زندگي کي سجايو بڻائڻ ٻه الڳ الڳ شيون آهن. اصل ۾ زندگي کي اهو ئي ماڻهو سجايو بڻائي سگهي ٿو جيڪو وقت جو قدر ڄاڻندو هجي ۽ ان جو صحيح استعمال پڻ ڪري سگهندو هجي. ان ڏس ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ جو اسان جو نوجوان به رڳو وقت گذاري رهيو آهي پر زندگي کي سجائي ڪرڻ جو نٿو سوچي. اهڙي ريت دوستن سان فضول جي ڳالهه ٻولهه ۾، هوٽلن تي واندو ويهي يا وري موبائل اسڪرين تي غير ضروري سرگرميون ڪندي پنهنجو وقت گذاري رهيو آهي. ايئن کڻي چئجي ته اهو پنهنجو قيمتي وقت وڃائي رهيو آهي.

هي دور تمام تکو آهي، دنيا جي رفتار هونئن به ڏينهون ڏينهن تيز کان تيز تر ٿيندي ٿي وڃي. اهڙي عالمي ڊوڙ واري ماحول ۾ جيڪڏهن اسان جي قوم جا نوجوان ويٺي وقت گذاري رهيا آهن ته اها واقعي به هڪڙي خراب، خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جنهن تي هيٺ کان مٿي تائين هر ڪنهن کي سوچڻ جي ضرورت آهي.

منهنجي خيال ۾ اسان جي نوجوانن ۾ زندگي جي منصوبه بندي جو ڪو تصور ئي ڪونهي. اهي وقت جي اهميت ۽ زندگي جي مقصد کان بي خبر آهن. جيڪڏهن اسان جا نوجوان پنهنجي زندگي جو ڪو مقصد طئه ڪن ته پوءِ ظاهر آهي ته انهي منزل جي حاصلات انهن جون ننڊون ڦٽائيندي ۽ پوءِ اهي انهي منزل تائين پهچڻ جي لاءِ ڪو گس ڳوليندا، ڪا واٽ وٺندا. اهڙي ريت اهي پنهنجي وقت جي منصوبه بندي ڪندا ۽ پوءِ اهڙا نوجوان پنهنجو قت ايئن واندن ڪمن ۾ هرگز نه وڃائيندا.

ان مسئلي جو هڪڙو ٻيو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اسانجي نوجوانن وٽ ڊگريون به آهن پر اهليت ناهي. جڏهن ته هاڻي دور اهليت جو آهي، ذهين ماڻهو جي لاءِ هاڻي ڪا به حد، سرحد ڪانهي ڪا. اهو هتي نه ته دنيا ۾ ڪٿي به پنهنجو پاڻ مڃائي سگهي ٿو. پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي سگهي ٿو. جڏهن بيروزگاري جا انگ اکر سامهون ايندا آهن ته هرڪو حيران ٿيندو آهي ته مار! اسان جي ملڪ ۾ لکين نوجوان بيروزگار آهن. پر اوهان رڳو پنهنجي آسپاس ئي نيڪ نيتي سان نهار ڪندا ۽ اهو جاچيندا ته اوهان جي آسپاس جيڪي نوجوان پڙهيا لکيا آهن، تن جي ڪم توڙي ڪردار ۾ ايتري اهليت آهي سهي؟ سڀني بيروزگارن مان ڪيترا اهڙا آهن جن جي ڪم توڙي ڪردار ۾ سندن تعليم جو پورو پورو عڪس نظر ايندو هجي؟ جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪٿ ڪندا ته اوهان کي بخوبي اندازو ٿي ويندو ته اسان جي نوجوانن به ڪاغذي ڊگرين جا ڍير لڳل آهن پر ان سطح جي اهليت شايد ورلي ئي ڪنهن ۾ هوندي آهي. سو اسان جي نوجوانن کي به رڳو ڊگريون ئي ڳچي ۾ لڙڪائي پنهنجي پاڻ کي بيروزگارن ۾ شمار ڪرائي اجائي هاءِ گهوڙا نه ڪرڻ گهرجي پر انهن کي پنهنجي مهارتن تي به ڪجهه ڀاڙڻ گهرجي. سادن لفظن ۾ اهو ته، انهن کي رڳو پڙهڻ نه پر پِرائڻ به گهرجي.

اڄ جو نوجوان مايوس به گهڻو آهي. اهو سچ آهي ته ملڪي حالتون خراب آهن. سماجي اقدر به اهي نه رهيا آهن پر تنهن هوندي به نوجوانن کي سمجهڻ گهرجي ته مايوسي انهن مسئلن جو حل ناهي. اهي محنت سان ۽ ثابتِ قدمي سان حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. اهي وقت کي بدلائي سگهن ٿا. پر ان جي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي وقت کي واندو نه وڃائين. اهي پنهنجي زندگي جو ڪو مقصد طئه ڪن. وقت ۽ حالتون وساري اهي هيڪر پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪن. انهن جي اندر ڪهڙي شعبي جون صلاحيتون موجود آهن؟ اهو ڪهڙو ڪم آهي جيڪو هُو ڀرپور نموني سان ڪري سگهن ٿا؟ پوءِ انهي ڪم ۾ جُنبي وڃن. اهي محنت ڪن. اهڙي ريت مايوسي جي ڪُن مان نڪري سگهن ٿا.

ان ڳالهه جي به تمام گهڻي گهرج آهي ته نوجوانن جي ڪائونسلنگ ڪئي وڃي. انهن کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته ڪنهن به قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ نوجوانن جي ڪيڏي اهميت هوندي آهي. کين اهو محسوس ڪرائجي ته زندگي جو اهو ئي وقت تمام اهم آهي جيڪو هن وقت سندن هٿ ۾ آهي. خاص طور تي جڏهن اسان جا شاگرد مئٽرڪ يا انٽر جا امتحان ڏيندا آهن ته کين ان وقت ڪائونسلنگ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي ان وقت انهن جي ڪائونسلنگ وسيلي انهن کي درست راهه ڏيکاري سگهجي. ان حوالي سان استاد صاحبان زبردست ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته استادن کي پنهنجي شاگردن بابت چڱي ڄاڻ هوندي آهي ته ڪهڙو شاگرد ڪهڙي مضمون ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو سو ان کي انهي سان لاڳاپيل شعبي جو ڏس ڏئي سگهن ٿا. خود حڪومت پاران استادن جي اهڙي قسم جي تربيت جو انعقاد ڪيو وڃي ته ان جا ڏاڍا سٺا نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، هن جديد دور ۾ جتي مقابلو گهڻو آهي، اتي موقعا به ٿورا نه آهن سو ان ڪري نوجوانن کي مايوس ٿيڻ بدران محنت ڪرڻ گهرجي ۽ ڊگرين بجاءِ اهليت تي ڀاڙڻ گهرجي ته جيئن اهي نه رڳو پنهنجي زندگي با مقصد ۽ با معنى بڻائي سگهن پر مُلڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪارگر ڪردار ادا ڪري سگهن.