شھنشاھيت شيطاني چڪر، بادشاھت غلام گردش، ملوڪيت الاھي امان، آمريت شامت اعمال ۽ جمھوريت جِيءَ جو جنجال. ته پوءِ ڇا سعودي ڪنگڊم، چيني سوشل ازم ۽ روسي ڪميونزم ئي سٺا سياسي نظام آھن؟ انگلستان ۾ ته تاج واري جمھوريت آھي ۽ پاڪستان، ھندستان ۾ بي تاج جمھوريت. تاج واري جمھوريت وري به ڀلي پر بي تاج جمھوريت بري بلا آھي. ثابت ٿيو ته سياسي سرشتو ڪھڙو به ھجي، اصل مسئلو آھي انساني سوچ ۽ سچائيءَ جو. پاڻ وٽ ته جنرل اليڪشن کان پارليامينٽري توڻي اسٽريٽ اپوزيشن تائين جھيڙا جھٽا ۽ جھڳڙا ئي جھڳڙا آھن. پارليامينٽ کي ھائوس يا ايوان به چئبو آھي. اصل جھيڙو آھي پارليامينٽ جي پاورفل پارٽيشن تي. جيئن ڪنھن ايوان (پلاٽ) جون دعويدار ٻه ڌريون ايوان جو ڀلو اڌ يا ھائوس (گھر) جو سٺو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ فساد تي لھي اينديون آھن. تيئن سياسي ھائوس ۾ جيڪي پارٽيون گورنمينٽ بينچز تائين پهچنديون آھن، سي خوش ڏسبيون آھن. جن ڌرين کي اپوزيشن ڊيسڪون ملنديون آھن، اھي رنج رھنديون آھن. انھن کي ھميشه حسرت ھوندي آھي ته ڪاش حڪومت کين ملي ھا.
عوامي آزادي لاءِ جمھوري نظام تيار ڪري انھي لاءِ نافذ ڪيو ويو ھو ته حڪومت شفيق ۽ مخالف ڌر رفيق رھندي. پر ٽين دنيا ۾ جمھوريت جي اصل روح کي مجروح ڪيو ويو. ذميواريون وساريون ويون، حڪومت عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ پنھنجي خدمتگار بڻجي وئي. حزب مخالف حڪومتي قدمن مان نقص ڪڍي صلاحون ڏئي غير متنازع قانونسازي ڪرڻ ۽ ملڪي مفاد ۾ سٺيون پاليسيون ٺاھڻ خاطر مناسب اختلاف رکڻ بدران سخت مخالفت ڪرڻ لڳي. نتيجي ۾ فتنو فساد پيدا ٿيو. ماضي بعيد وارن بادشاھي محلاتن ۾ اظھار راءِ جي آزادي جو ته تصور به نه ھو تنھن ڪري حڪومت ڪھڙي گروھ جي ميراث آھي اھو فيصلو ميدان جنگ ۾ ٿيندو ھو. سرڪار ۽ حزب اختلاف کي گڏائي قانونساز ادارو ٺاھيو ويو. عدليا ۽ انتظاميا جدا ادارا بڻيا. ان سڀ ڪجھ جي باوجود پنھنجي ملڪ اندر حڪومت ۽ حزب اختلاف وچ ۾ ھٿياربند ويڙھاند ته نه پر جديد جمھوري جنگ اڃان جاري آھي. موجوده اتحادي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي اختلافن کان عوام پوري طرح آگاھ آھي. گھڻا ئي حيلا ھلايا ويا پر قربت جو وچون رشتو نڪرڻ بدران دشمن داري جون دوريون ويتر وڌنديون ويون.
ھاڻي حڪومت ان مھاڏي کي عزت جو مسئلو ۽ پي ٽي آئي غيرت جو سوال سمجھي ٿي. 24 نومبر واري (اڄوڪي) معرڪي لاءِ ميدان تيار آھي. پي ٽي آئي ڪي پي ڪي سوڌو پوري پاڪستان جي ڪارڪنن کي اسلام آباد جي آس پاس گڏ ٿيڻ جو حڪم ڪيو آھي. ھوڏانھن حڪومت ان تحريڪ کي ناڪام بنائڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز کي ساز سامان سميت اتي پھچڻ جو حڪم ڪيو آھي. وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي ته، پي ٽي آئي کي شنگهائي ڪانفرنس ۽ بيلاروس جي سربراھ جي آمد تي ڌرڻا ھڻڻ الاھي ڇو ياد ايندا آھن! ھڪڙي ڳالھ ڪريو، لانگ مارچ ڪري زندگي مفلوج ڪرڻي آھي يا ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. آرمي چيف به چتاءَ ڏنو آھي ته، پاڪستان جي آئين جي بالادستي اسان تي ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي جي ذميواري لاڳو ڪري ٿي. جيڪو رڪاوٽ بڻبو، اھو پنھنجي انجام کي پڄندو. نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ دھشتگرديءَ جي حوالي سان جنرل عاصم منير اھو به چيو ته، فوج کي ڪم کان روڪيندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. عمران خان، علي امين ۽ علي گوھر کي اجازت ڏني ھئي ته طاقتورن جي نمائندن سان ڳالھايو. ڳالھين سان مسئلو حل ٿئي ٿو ته ٻيو ڇا کپي…. پر لڳي ٿو ته ھاڻي مذاڪرات ناممڪن آھن. تنھن ڪري حڪومت 9 ھزار رينجرز ۽ ايف سي جا اھلڪار گاديءَ جي هنڌ گھرايا آھن. بقول حڪومت احتجاجي شرپسندن جا ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ سمز بلاڪ ڪيون وينديون. وڏي تعداد ۾ رٻڙ جون گوليون، آنسو گيس ۽ ھوائي فائرنگ لاءِ بندوقن جو بندوبست ڪيو ويو آھي. ڪنھن صحافي ھڪ ورڪر کان پڇيو ته ايڏي سامان اڳيان، اوھان جون لٺيون، گليلون ۽ پٿريون ڇا ڪنديون؟ ھن چيو ته اسان پر امن آھيون پر ضرورت پوڻ تي مسلح ديوو ھيڪل حڪومت کي پٿر سان ڊاھي ڏيکاريندا سين. اسٽيبلشمينٽ جو چوڻ آھي ته سرڪار ۽ پي ٽي آئي پاڻ ڄاڻن، اسان جو ڪو واسطو ناھي. بشريٰ بيبي جي تازي بيان کي حڪومتي حلقن، دوست ملڪ سعودي عرب طرف اشارو سمجھندي ان جي مذمت ڪئي آھي. پر پي ٽي آئي ان کي رد ڪندي سرڪاري چال قرار ڏنو آھي. پي ٽي آئي جو سينيئر اڳواڻ شاھ محمود قريشي جيڪو نائين مئي جي واقعي ۾ ملوث سمجھيو وڃي ٿو، تنھن چيو آھي ته احتجاجي سڏ تي عوام ٻاھر نڪرندو. ٻئي پاسي گنڊاپور چيو آھي ته منھنجو ليڊر سوا سال کان بي گناھ قيد آھي. فيصل واوڊا جو چوڻ آھي ته پي ٽي آئي جا ماڻھو مخلص ناھن. 25 نومبر تي پي ٽي آئي باني تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو آھي، ان ڪري احتجاج ڪيو پيو وڃي. لانج مارچ پاڻي جو بلبلو ثابت ٿيندو. دغاباز سمجھوتو ڪري وٺندا. بھرحال اھا سموري حال حقيقت ڪيتري قدر درست يا غلط ثابت ٿئي ٿي. ان جي خبر عنقريب پئجي ويندي.