جدوجھد جي علامت ام رباب چانڊيو کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري

0
32
جدوجھد جي علامت ام رباب چانڊيو کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري
جدوجھد جي علامت ام رباب چانڊيو کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري

ميھڙ(ن پ ا) سنڌ جي نياڻي مصنفه آذان انقلاب پاڪستان جي ڄائي ام رباب چانڊيو کي انڊس لاءِ ڪاليج ۾ سينئر استاد بيريسٽر ضامن حسين ٽالپر جي ھٿان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سان نوازيو ويو. ام رباب چانڊيو پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته آمريڪا مان جاري ڪيل اعزازي ڊگري کي پنھنجي ڌرتي جي استادن جي ھٿان وٺڻ قبوليو ھو ، ھي اعزازي ڊگري ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو جي ظلم خلاف مسلسل جدوجھد ۽ انصاف جي حاصل ڪرڻ جي جنگ ۾ ڄمي بيھڻ جو نتيجو آھي ، ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو سنڌ جو سر فخر سان بلند ڪندي نياڻيون پڙھائڻ ضروري سمجھيو آھي ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو چيو ته پاڪستان جي سڀ کان گھٽ عمر شخصيت طور انڊس ڪاليج آف لا حيدرآباد مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ تي رب پاڪ جي شڪرگذار آھيان ھن چيو ته آء سنڌ جي ماڻھن کي چوندس ته ھو به پنھنجين نياڻين کي تعليم ڏيارين ته جئين ھو به پڙھي پنھنجي سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن ان موقعي تي تقريب دوران پرويز چانڊيو ۽ ٻين پاران ام رباب چانڊيو کي مبارڪون پڻ ڏنيون.