اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن کي 300 کان وڌيڪ وڪيلن جو کليل خط لکي ڇڏيو. خط جي متن ۾ وڪيلن جو چوڻ آهي ته ججن ڪنهن به نئين عدالت جو حصو نه بڻجن، نئين عدالت جي حيثيت پي سي او ڪورٽ جهڙي هوندي، نئين عدالت جا جج پي سي او ججن کان مختلف نه هوندا، تجويز ڪيل ترميمن جو مسودو رات جي اونداهي ۾ سامهون آيو، چونڊيل نمائندا جن انگن اکرن کي پورو ڪيو، اهي به مسودي کان بي خبر هئا. تجويز ڪيل آئيني ترميمن کي اسان جي حمايت حاصل ناهي. تجويز ڪيل آئيني ترميمن تي ملڪ ۾ موثر بحث ناهي ڪرايو ويو، رڳو ايترو چيو پيو وڃي ته آئيني عدالت جو ذڪر چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ آهي. توهان ججن آئين جي حفاظت جو حلف کنيو آهي. توھان کي ھاڻي موقعو آھي پنھنجي چونڊ ڪريو. سڀاڻي جڏهن تاريخ لکجي ته ان ۾ شامل هجي ته اوهان مليل نه هئا. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز کي خط لکندڙن ۾ سينيئر وڪيل منير احمد ڪاڪڙ، عابد ساقي، رياست علي آزاد، عابد حسن منٽو، بلال حسن منٽو ۽ صلاح الدين ۽ ٻيا شامل آهن.