اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشل متعلق جج جي رضامندي کان بغير ڪيسن جي ٽرانسفر جو رڪارڊ جمع ڪرايو،‌ ڪيس تبديليءَ تي توهين عدالت واري معاملي ۾ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشل ۽ ٻين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ڊپٽي رجسٽرار سلطان محمود عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هڪ ڪيس جو رڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيو ته ڪو اهڙو فائل ڏيکاريو جنهن ۾ جج جي مرضي کان بغير ڪيس هڪ بينچ کان ٻي بينچ ٽرانسفر ٿيو هجي. هن فائل مطابق ته چيف جسٽس صاحب هي ڪيس پاڻ ٻڌي رهيو هيو ۽ هن ٻه جج ٻيا به شامل ڪري ڇڏيا. سوال اهو آهي ته ڇا چيف جسٽس جج جي منظوري کان بغير ڪيس ٽرانسفر ڪري سگهي ٿو يا نه؟. مون کي اوهان جي مجبوريءَ جو علم آهي. مون کي اوهان کي سزا ڏيڻ جو ڪو شوق ناهي. سچ ڳالهايو. هن تي باقائده ججمينٽ لکندس. هن ڪيس ۾ عدالتي معاون مقرر ڪرڻو پوندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.